ڪراچي (رپورٽر ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار جي صدارت هيٺ شڪايتي سيل بابت اجلاس ٿي گذريو اجلاس کي آء جي سنڌ راجا رفعت مختار خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن شڪايت مان وٽ پهچندي ته مان ذاتي طور تي ڪارروائي ڪندس. جيڪڏهن مان ايڪشن ورتو ته پوءِ معافي به ڪافي نه هوندي، لاڳاپيل ڊي آءِ جي نه رڳو شڪايتن جي تصديق ڪندو پر جاچ پڻ ڪندو ، ماڻهن جا مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌيون وڃن ۽ انهن جي حل لاءِ هاڪاري قدم کنيو وڃي جتي شڪايتي سيل تي آفيسر نه آهن، جلد کان جلد آفيسر مقرر ڪيا وڃن ، شڪايتن جي تصديق، جاچ ۽ ميرٽ تي ڪئي وڃي .
بلاول ڀٽو پاران اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ملتان جو دورو
ملتان (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ ملتان ۾ خطاب ڪندي چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بي بي بينظير ڀٽو تعليم ۾ نوجوانن کي موقعو فراهم ڪرڻ تي يقين رکندي هئي، خوشي آهي ته اڄ سندس نالي سان منسوب ڊيپارٽمينٽس جو افتتاح ڪيو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 2012ع کان هن وقت تائين ڄاڻايل يونيورسٽي جي انتظاميه فيس ۾ اضافو ناهي ڪيو. انتظاميه کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته وسيلن جو درست استعمال ڪري اوهان بهترين ادارو بڻائي سگهو ٿا، اين ايف سي يونيورسٽي بهترين ڪم ڪري رهي آهي پاڪستان پيپلزپارٽي جو اهو ئي مشورو آهي ته پٺتي پيل علائقن ۾ بهترين تعليمي موقعا فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي عوام جي ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ يونيورسٽي انتظاميه طرفان امداد تي شڪريو ادا ڪريون ٿا، پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ثابت ڪيو ته هو گهٽ وسيلن ۾ بهترين ڊليور ڪري سگهن ٿا، ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري يونيورسٽي ۾ پاڪستان جي عالمي ذميوارين جي عنوان بابت تقريري مقابلي جي ڪامياب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سندون به ورهايون. وائيس چانسلر طرفان بلاول ڀٽو زرداري کي ملتاني اجرڪ به پارائي وئي. اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه به بلاول ڀٽو سان گڏ هئا.
جڙانوالا ۾ ڪيترائي گرجا گهر بحال ٿي چڪا آهن: انيق احمد
اسلام آباد (اي پي پي)مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد چيو آهي ته جڙانوالا ۾ ڪيترائي گرجا گهر بحال ٿي چڪا آهن، سانحي جي ذميوارن کي سزا ڏني ويندي، مذهبي نفرت جي واقعن ۾ پرڏيهي هٿن جا ثبوت مليا آهن.
اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ شارٽ ۽ لانگ ٽرم قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪ آمريڪن سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز جي نمائندن تي ٻَڌل وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سموري انسانيت رب ڪائنات جي خلقيل آهي، هر مذهب انسانيت سان ڀلائي جو درس ڏئي ٿو. هن وزارت جي قدمن جي حوالي سان ٻُڌايو ته اقليتي شاگردن لاءِ پرائمري کان ايم اي جي سطح تائين تعليمي وظيفن کي جاري ڪري رهيا آهيون، اقليتي برادري جي مالي امداد، تعليمي وظيفن، شادي گرانٽ، ڊولپمينٽ اسڪيمن لاءِ 110 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. غير مسلم شاگردن جي وظيفن جي رقم ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي. وفد چيو ته مختلف مذهبن کي مڃيندڙ جي مڪالمن ذريعي شڪن ۽ شبهن کي ختم رڪڻ گهرجي. اسان جي دؤري جو مقصد پاڪستان کي سپورٽ ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ آهي. وفد ۾ آمريڪا جو پروفيسر جوزف نائٽ، الياس مسيح، عائشه خان ۽ ٻيا شامل هئا.
آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي مريم نواز سان ملاقات
لاهور(م ڊ) پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر مريم نواز سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان موجب جاتي امرا رائيونڊ ۾ مريم نواز سان آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز جو استقبال ڪيو، ان موقعي تي مريم نواز چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ مثبت، تعميري ۽ ويجها دوستاڻا لاڳاپا سٺو سنوڻ آهن، قدرتي آفتن ۽ هر مشڪل ۾ آسٽريليا جي حڪومت ۽ عوام پاڪستان جو مخلصاڻو ساٿ ڏنو جنهن تي شڪريو ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته آسٽريليا ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ڊگهي مدي وارا لاڳاپا مضبوط بنيادن تي هموار آهن، مسلم ليگ (ن) آسٽريليا سان پاڪستان جي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي، مريم نواز چيو ته ماضي وانگر مستقبل ۾ به ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ سگهه آڻينداسين ۽ واپار، سيڙپڪاري، تعليم سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏينداسين. مريم نواز شريف آسٽريليا ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن کي سهولتن جي فراهمي تي آسٽريلوي حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو