نوشهره ۾ مسافر بس ڪلٽي،5 ڄڻا اجل جو شڪار، 13 ڄڻا زخمي

پشاور(م ڊ) نوشهره ۾ بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا اجل جو شڪار 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن .ريسڪيو 1122 موجب گذريل  ڏينهن حادثو موٽر وي ايم ون رشڪئي انٽر چينج ويجهو ڊرائيور جي سمهڻ سبب بس بي قابو ٿي ڪري روڊ ڪناري ڀت سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 13 زخمي ٿي پيا آهن .

نينگر ۽ ٻيا ماڻهو آزاد نه ٿيا، گهرو ۽ بچاءُ سيڪريٽري کان رپورٽ طلب

ڪراچي ( رپورٽر) 14 ورهين جو نينگر ۽ ٻيا ماڻهو بازياب نه ٿيا، جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي ايف اجلاسن ۾ به اڳڀرائي نه ٿي، عدالت گهرو ۽  بچاءَ واري سيڪريٽري کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 14 ورهين جي نينگر سميت 10 شهرين جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران پوليس پاران پيش رفت رپورٽ پيش ڪئي وئي، پوليس رپورٽ موجب گم ٿيل نينگر جو ڪيس جبري گمشدگي تحت داخل ڪيو ويو آهي، ٻارڙي جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي ايف اجلاس ٿي چڪا آهن،  پر نينگر بابت اڃا تائين پتو ناهي پئجي سگهيو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته گهرو ۽ بچاءَ واري سيڪريٽري کي گهرجي ته هو پنهنجي ماتحت ادارن کان رپورٽ وٺي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪن.

ڪشمير ۾  ڀارتي فوج جو ڪرنل،  ميجر ۽ هڪ ڊپٽي سپرينٽنڊنٽ پوليس مارجي ويا

سرينگر(م ڊ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ڏکڻ ضلعي اسلام آباد ۾ هڪ حملي ۾ ڀارتي فوج جو هڪ ڪرنل، هڪ ميجر ۽ هڪ ڊپٽي سپرينٽنڊنٽ   پوليس مارجي ويا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي عملدارن ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته ضلعي جي علائقي ڪوڪرناگ ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس جي گڏيل ٽيم تي حملي ۾ فوج هڪ ڪرنل، هڪ ميجر ۽ هڪ ڊپٽي سپرينٽنڊنٽ پوليس مارجي ويا آهن، پوليس عملدارن موجب حملو اربع ڏينهن صبح ان وقت ڪيو ويو جڏهن ڀارتي فورسز جا اهلڪار گڊول، ڪوڪرناگ جي علائقي ۾ ڪڙو چاڙهڻ ۽ تلاشي جي گڏيل ڪارروائي ڪري رهيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.