اڻ اعلانيل پابندين تي ڳڻتي، ميڊيا عوام تائين حقيقتون پهچائڻ کان لاچار آهي: سي پي اين اي

ڪراچي (پ ر) ميڊيا کي درپيش مسئلن جي حوالي سان سي پي اين اي جي سنڌ ڪميٽي جو اجلاس سي پي اين اي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو، جنهن ۾ پريس جي آزادي تي غير اعلانيل سينسرشپ لاڳو ڪرڻ سميت مختلف سڌي ۽ اڻ سڌي طرح لڳايل  پابندين کي آئين ۾ ڏنل اظهار جي آزادي جي ضمانت جي خلاف قرار ڏنو ويواجلاس جي صدارت ڪندي چيئرمين سنڌ ڪميٽي عامر محمود چيو ته بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ آئين کي جنهن طريقي سان پامال ڪيو ويو آهي، ان سبب ميڊيا نه رڳو سخت گهٻراهٽ جو شڪار آهي ۽ پنهنجي بنيادي ڪردار سچ ۽  عوام تائين حقيقتون پهچائڻ کان لاچار آهي ،هن چيو ته ميڊيا پنهنجي ذميوارين کان واقف آهي ۽ عوام تائين سچ ۽ حقيقتون پهچائڻ پنهنجي ذميواري سمجهي ٿي سينيئر ميمبر ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته اپوزيشن ۾ ميڊيا سان گڏ بيهڻ جون دعوائون ڪندڙ پارٽيون حڪومت ۾ ايندي ئي ميڊيا تي پابنديون لڳائينديون آهن، هن چيو ته اخبارن ۽ رسالن جي ورهاست لاءِ نئون ميڪنزم ٺاهڻ جي ضرورت آهي،وائس چيئرمين مقصود يوسفي چيو ته موجوده نگران حڪومت ميڊيا جي آزادي لاءِ ڪو به ڪم ناهي ڪيو پر گذريل حڪومت جو تسلسل جاري آهي.سيڪريٽري جنرل اعجازالحق چيو ته اخبارن ۽ رسالن کي درپيش مسئلن ۾ اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ ۽ ادائيگين جو مسئلو آهي، سي پي اين اي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري سان مسلسل ملاقاتون ڪندي رهي آهي، اميد آهي ته ايندڙ مهيني جي وچ تائين ادائيگيون ٿي وينديون، اجلاس ۾ صحافي جان محمد مهر ۽ اصغر ڀند جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو،اجلاس ۾ حامد حسين عابدي، غلام نبي چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.