مير پور خاص ضلعي هلندڙ هفتي ۾مليريا ڪيسن جو انگ 3100 ٿي ويو

مير پور خاص (اي پي پي ) مير پور خاص  ضلعي ۾ مليريا ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو  آهي هلندڙ هفتي  مليريا پازيٽو اچڻ جو انگ 3100  ٿي ويو آهي مير پور خاص صحت کاتي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر اشوڪ اي پي پي کي ٻڌايو ته هن هفتي مليريا جا سموري ضلعي ۾ 3100 ٽي هزار هڪ سو ڪيس پازيٽو آيا آهن هلندڙ مهيني 52 هزار ماڻهن جا مليريا ٽيسٽ جا سمپل ورتاوياآهن جن مان17 هزار ماڻهن ۾ مليريا جا پازيٽو ڪيس رپورٽ ٿيا جنوري کان جولائي 2023 تائين هڪ لک 47 هزار 334 ماڻهن جا مليريا جا نمونا ورتا ويا انهن مان  25 هزار 753  مليريا جا پازيٽو ڪيس ظاهر ٿيا آهن اهڙي طرح آگسٽ 2023 ۾ 41 هزار 841 مان 13 هزار 432 ڪيس پازيٽو ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.