متحده جي مک اڳواڻن مٿان بلديه سانحي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي:لال جروار

حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ مهراڻ  سنڌي ۽ سرواڻ جتوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته بلديا فيڪٽري ۾ 259 مزدورن کي جيئرو ساڙيندڙ دهشتگردن کي ڦاهيون ڏنيون وڃن، بلديا سانحي جو ڪيس ايم ڪيو ايم جي مک اڳواڻن تي به داخل ڪيو وڃي، ڪورٽ سڳوري رمارڪس ڏنو آھي ته بلديه جھڙو وڏو سانحو ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي مرضيءَ کان سواءِ ٿي نٿو سگھي، ڪورٽ جي ان رمارڪس ڏيڻ کانپوءِ ايم ڪيو جي مک اڳواڻن تي پڻ ڪيس داخل ڪري، ايم ڪيو ايم جھڙي قاتل، جلاد، سنڌ کي بيگناھ انسانن جي رت سان وھنجاريندڙ، ٻوري بند لاش ڏيندڙ، عالمي دھشتگرد گروھ تي پابندي مڙھي وڃي، اڳواڻن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌين، بلوچن ۽ ٻين قومن جو ناحق قتلام ڪرڻ سان گڏ اردو ڳالھائيندڙ معصوم ۽ پورھيت ۽ ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ غريب ماڻھن سان به ظلم ڪيا آھن، دھشتگرد گروھ تي پابندي ھڻي قانوني ڪارروائي ڪرڻ بدران کين حڪومتون ڏنيون ويون آهن. ايم ڪيو ايم مٿان پابندي مڙهي، مٿن دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري بلديا فيڪٽري، 12 مئي، 22 مئي سميت سمورن شهيدن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.