ڪراچي ( پ ر)وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ جي ڳڀرو نوجوان ۽ قومي ڪارڪن شھيد افضل لُنڊ جي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ انھن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ سھڻي جويو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاھر ڪيو ويو. ان موقعي تي وي ايم پي جي مرڪزي اڳواڻ سھڻي جويو، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، مرڪزي نائب صدر زاھد کوسي، ايڊووڪيٽ خليل انصاري، جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ، ايس يو پي اڳواڻ ستار ڏاھري، ينگ لائيرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين راحيل صمصام ، سنڌ سجاڳي فورم جي سينيئر ساٿي سيد زمان شاھ، وي ايم اڳواڻ مريم سنڌي، جيئي سنڌ قومي پارٽي ناري ونگ جي اڳواڻ عروج سنڌي، ادي عائشه سرگاڻي ۽ ٻين چيو ته ھاڻي رياستي ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جي انتھا ٿي وئي آھي، افضل لُنڊ کي ايجنسين پھرين کنڀي گم ڪري مٿس سخت تشدد ڪيو هو ڪالھ 2 نامعلوم ماڻھن کيس فون ڪري گھرائي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته ھاڻي رياست سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ھي ذريعي ماري سنڌ جي قومي تحريڪ کي ڪچلي سياسي ۽ قومي ڪارڪنن ۾ خوف پيدا ڪرڻ چاھي ٿي، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ رشيد راڄڙ، ايڊووڪيٽ مختيار سيمائر، ايڊووڪيٽ عبدالوھاب ڀُٽي، ايڊووڪيٽ ماجد گبول، ايڊووڪيٽ مھتاب راٺوڙ، ايڊووڪيٽ عمير خواجه، جساف اڳواڻن ججيب ميربحر، غلام رسول شر، عطا شيخ، سنڌ سجاڳي فورم ميلر جي ساٿين مير منظور، جمن پتافي، رخسانه ھاليپوٽو، مومل پنھور، عبدالستار ٻاڪڙ، ۽ ٻين قومي ڪارڪنن، ساڃاھوندن، وڪيلن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.