عدالتي منع نامو نظرانداز، پٿر ۽ ريتي وڪرو، نگران حڪومت جبل ڪورڻ لاءِ سرگرم

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) عدالتي منع نظرانداز،پٿر ۽ ريتي کڻي وڪرو، معدنيات جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري لڪ ۾ ڪارونجهر جو دورو، ليزون ڪرڻ لاءِ ڪوششن جو انڪشاف ٿيو آهي، نگران حُڪومت جبل کي  ڪورڻ لاءِ سرگرم، معدنيات کاتي جو صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري پاران ڪارونجهر جو ڳجھ ڳوھ ۾ دورو، دوري کان مقامي ماڻهن ۽ ميڊيا کي پري رکيو ويو، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب معدنيات کاتي جو صوبائي وزير خدا بخش مري، معدنيات کاتي جو سيڪريٽري ۽ ڊي جي سميت ٻيا عملدار ڪارونجهر جبل جي مختلف علائقن، چوڙيو، راڻپور، ٻيراڻو، موڪڙيو،ڍيڍورو سميت ٻين علائقن جو دورو ڪري واپس روانا ٿي ويا، دوري کي مقامي انتظاميا، مقامي ماڻهن ۽ ميڊيا کي پري رکيو ويو، ذريعن موجب معدنيات کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري معدنيات جي واپارين وٽ دعوت ۾ به شريڪ ٿيو ۽ اھو به معلوم ٿيو آھي ته ڪارونجهر جون ھڪ دفعو ٻيھر ليزون ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، ٻئي پاسي ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن الھرکيو کوسو، مصطفيٰ دل ۽ ٻين چيو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪرائڻ لاءِ جوڙي وئي آھي پر ھي ڪارونجهر کي نيلام ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رھيا آھن، ھنن چيو ته ڪارونجهر سنڌ جو قومي، سياحتي، تاريخي، مذھبي ماڳ ھئڻ سان گڏوگڏ ھتان جي مقامي ماڻهن جي جياپي جو ذريعو آھي مقامي ماڻهن ھر فورم تي اڳ ئي ڪارونجهر جي نيلامي رد ڪري چُڪا آھن پر ھي جڳاڙي حڪمران ھر صورت ۾ ڪارونجهر کي نيلام ڪرڻ چاهين ٿا ھنن چيو ته ڪارونجهر جي نيلامي خلاف اسان آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪندي عدالتن ۽ ماڻهن سان گڏجي احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين ۽ ڪارونجهر کي مستقل طور محفوظ ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪنداسين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.