انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 300 کان ڪري پيو، سون وري مهانگو

ڪراچي (رپورٽر) حڪومتي هدايتن تي انتظاميا ۽ سيڪيورٽي ادارن طرفان ڊالر جي اسمگلنگ ۽ ذخيرا اندوزي خلاف ڪارروائين کانپوءِ رُپئي  جي مُلهه ۾ مسلسل بهتري اچي رهي آهي. اوپن مارڪيٽ کانپوءِ رپيو انٽربينڪ ۾ به مستحڪم ٿيڻ لڳو جڏهن ته انٽربينڪ ۾ ڊالر 2 رپيا 41 پيسا سستو ٿيڻ بعد ڊالر 299 رپيا 75 پيسا ٿي ويو. هن وقت انٽر بئنڪ ۾ ڊالر گذريل ويهه ڏينهن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي مُلهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن ڊالر چار رُپيا سستو ٿيڻ بعد ٽي سئو رُپين جو ٿي ويو. ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اوچتو هزارين رپين جي واڌ ٿي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 5 هزار 600 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 15 هزار رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت 5 هزار 58 رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 84 هزار 585 رپيا آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 15 ڊالر گهٽجڻ سان 1911 ڊالر في اونس آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.