نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي واپسي، اليڪشن ڪميشن ذميواري نڀائي :شهباز شريف

لنڊن( م ڊ) ن ليگ صدر شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي لنڊن کان ڏيهه واپسيءَ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو. شهباز شريف چيو ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي پاڪستان موٽي رهيو آهي، ڏيهه واپسي تي سندس شاندار آجيان ڪئي ويندي. ان کان اڳ ن ليگ اڳواڻ اهو چئي چڪا آهن ته نواز شريف ڏيهه واپسي کانپوءِ ڪيسن جي حوالي سان قانون کي منهن ڏيندو ۽ چونڊ مهم جي به قيادت ڪندو. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف ايٽمي پروگرام ۽ سي پيڪ جو خالق آهي، ترقي جو سفر اتان شروع ڪنداسين جتان 2017ع ۾  ختم ٿيو هو. هن چيو ته نواز شريف جو شاندار استقبال ڪنداسين. پيپلز پارٽي جي طرفان چونڊن تي تحفظات بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو آئيني فرض آهي ۽ ان جي گهرج به آهي، اسان آئيني ڪم  مڪمل ڪرڻ بعد اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. هاڻ نئين آدمشماري تحت چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ۽ اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ڪندي. ان موقعي تي چيف جسٽس بابت سوال جي جواب ۾ خواجا آصف چيو ته جسٽس عمر عطا بنديال کي عمرانڊو جج طور ياد رکيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.