سرگوڌا(م ڊ) سرگوڌا ۾ کنڊ جي ذخيرا اندوزن خلاف جاري ڀرپور ڪريڪ ڊائون دوران کنڊ جا 2 هزار ٿيلهه هٿ ڪري ورتا ،هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر باجوڙ محمد انوار الحق جي خصوصي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر خار محب الله خان يوسفزئي جي قيادت ۾ ضلعي انتظاميه جي اختيارين ضلعي جي مختلف بازارن ۾ کنڊ جي ذخيرا اندوزن خلاف ڪارروائي ڪئي ۽ 2 گودامن مان 5 هزار 5 سئو کنڊ جون ٻوريون هٿ ڪري گودامن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.
بلاول ۽ آصفه جي غوث بخش مهر سان تعزيت
لکي غلام شاھ(رپورٽ: نديم جان مهر) 31 سالن کان پوءِپهريون ڀيرو بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پهريون ڀيرو پ پ قيادت شڪارپور جي مهرن وٽ پهتي، جنهن دوران تازو ئي پ پ ۾ شموليت ڪندڙ وزيرآباد جي مهرن طرفان سندن ڀرپورن آڌر ڀاءِ ڪيو ويو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري پاران اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مهر سان ناٺي ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم محمد عارف مهر سان ڀيڻيويو ڊاڪٽر وسيم احمد مهر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي سنڌ جا اڳوڻو وزيراعلي سيد مراد علي شاهه، سيد قائم علي شاه، اڳوڻا صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻيا موجود هئا
اسلام آباد ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 23 ڪيس رپورٽ
اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ ڊينگي ڪيسز ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا وڌيڪ 23 ڪيس رپورٽ ٿيا. اڱاري ڏينهن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس اسلام آباد طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد ۾ ڊينگي جا 23 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن بعد اسلام آباد ۾ ڊينگي سبب متاثر مريضن جو مجموعي انگ 288 ٿي ويو.
ڪراچي ۾ آمريڪي شهري جي پاڻي جي ٽينڪر مٿان فائرنگ، گرفتار ۽ آزاد
ڪراچي (رپورٽر )ڪراچي ۾ ڊفينس ۾ آمريڪي شهري جي پاڻي جي ٽينڪر مٿان فائرنگ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آمريڪي شهريت جو ٻڌي ڪري ڪراچي پوليس پاڻي جي ٽينڪر مٿان فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ پوليس جي ٻٽي معيار جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جوابدار پنهنجي آمريڪي شهريت ظاهر ڪئي ته ڪراچي پوليس جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو ، ڪراچي پوليس ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي شهرين کي سزا ۽ سزا ڏيڻ واري معاملي تي ٻٽي معيار جو انڪشاف ٿيو آهي ته پوليس گرفتار ڪيل جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو جوابدار ڪير هو؟ پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل رات ڊفينس خيابان شهباز ۾ پاڻي جي ٽينڪر تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ پاڪستان ڄائي آمريڪي شهري ٽينڪر ڊرائيور تي فائرنگ ڪري ڏني .
چونڊن کان اڳ 9 مئي واقعن جي تحقيقات لاءِ درخواست رد
لاهور(م ڊ)لاهور هاءِ ڪورٽ عام چونڊن کان اڳ 09 مئي واقعن جي تحقيقات ۽ ملوث جوابدارن کي سزائون ڏيڻ لاءِ درخواست تي رجسٽرار آفيس جو اعتراض بحال رکندي داخل درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي شهري اظهر عباس جي درخواست تي اڱاري تي ٻڌڻي ڪئي. رجسٽرار آفيس درخواست تي متاثر ڌر نه هجڻ تي اعتراض لڳايو هو. عدالت دائر درخواست تي رجسٽرار آفيس جو اعتراض برقرار رکندي دائر درخواست رد ڪري ڇڏي.
ڪراچي ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون، 34 ڪيس داخل
ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ بجلي چوري ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ، هڪ ئي ڏينهن ۾ 34 ڪيس داخل ڪيا ويا، ڪراچي شهر ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هڪ ئي ڏينهن ۾ 34 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي چورن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، هڪ ئي ڏينهن ۾ بجلي چورن خلاف 34 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون، حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سهڪار تي شڪر گذار آهيون پاڪ ڪالوني، لياري، اورنگي، ايف بي ايريا جي ٿاڻن تي ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون جڏهن ته لياقت آباد، نارٿ ناظم آباد سميت ٻين لاڳاپيل ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن .