ڪراچي (رپورٽر) صوبائي اينٽي ڪرپشن نسله ٽاور کي غيرقانوني اضافي زمين ڏيڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻو ڊي جي ايس بي سي اي جوابدار منظورقادرڪاڪا ۽ خيرمحمد تي ترميمي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي 26 سيپٽمبر تاريخ مقررڪري ڇڏي آهي، سنڌهاءِ ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي، ڪيس سپريم ڪورٽ جي هدايت تي هلايو پيو وڃي .
علي وزير 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي
اسلام آباد(م ڊ)سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد شبير ڀٽي سوشل ميڊيا تي بغاوت تي اُڪسائڻ جي ڪيس ۾ اڳوڻي ايم اين اي علي وزير 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن علي وزير کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو .
آڊيو ليڪ خلاف بشريٰ بي بي جي درخواست جي ٻُڌڻي ملتوي
اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشريٰ بي بي ۽ ذلفي بخاري جي آڊيو ليڪ خلاف بشريٰ بي بي جي درخواست کي فون ٽيپنگ خلاف پهريان کان ٻُڌڻيءَ هيٺ نجم الثاقب جي درخواست سان گڏ ڪندي ٻُڌڻي 18 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته بشريٰ بي بي جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته انهي ئي نوعيت جي ٻئي ڪيس سان ان ڪيس کي به ٻُڌنداسين.