ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو التوا هيٺ ڪم هڪ هفتي اندر ٻيهر شروع ڪيو وڃي ۽ اتي ڪم ڪندڙ عملي کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل مڱڻيجو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ناڻو ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو نگران وڏي وزير کي آگاهي ڏني ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو منصوبو 4 لين تي ٻڌل پي پي پي تحت 3.4 ارب رپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آهي. وڏي وزير کي پل تي ڪم جي رفتار بابت بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري ورڪس ٻڌايو ته گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جي ٻنهي پاسن کان ڪم شروع ڪيو ويو آهي پر ٻن ملازمن جي اغوا سبب جون 2023 ع ۾ منصوبي تي ڪم روڪيو ويو هو. جسٽس (ر) باقر چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته اتي ڪم ڪندڙ عملي جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ هڪ هفتي اندر ڪم شروع ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.