ڪراچي ۾ وڏي پئماني تي ايس ايڇ اوز جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي اڪثر ٿاڻن مان ايس ايڇ اوز کي به هٽايو پيو وڃي، ڪراچي پوليس جي 97 ايس ايڇ اوز ۽ پوليس آفيسرن جي  ٻين عهدن تي مقررين ۽ بدلين جا آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، مختلف ٿاڻن ۾ ڪافي عرصي کان مقرر پوليس اهلڪارن کي ايس ايڇ او جي عهدن تان هٽائي ٻين ضلعن ۾ بدلي ڪيو ويو آهي، ممڪن آهي ته موجوده سيٽ اپ ۾ جن پوليس آفيسرن کي ايس ايڇ اوز طور مقرر ڪيو وڃي، انهن کي پنهنجي لاڳاپيل ضلعن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي اڪثر ٿاڻن مان ايس ايڇ اوز کي به هٽايو پيو وڃي، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) ايڊمن ڪراچي پوليس عمران يعقوب جي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب گذريل سالن جي سياسي دور ۾ مقرر ٿيل اڪثر ايس ايڇ اوز کي عهدن تان هٽايو پيو وڃي، جڏهن ته ڪرپشن ۽ ٻين الزامن کي منهن ڏيندڙ ڪيترن ئي ايس ايڇ اوز خلاف به جاچ ڪئي پئي وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان 80 جي لڳ ڀڳ ايس ايڇ اوز جون لسٽون تيار ڪيون ويون آهن ۽ ڪجهه سخت فيصلا ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.