سنڌ سميت ملڪ ۾ بجلي چوري خلاف آپريشن هلندڙ

ڪراچي/لاهور/ڪوئيٽا/پشاور (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن جاري، فيسڪو فيصل آباد ريجن ۾ گذريل 24  ڪلاڪن دوران 126 جڏهن ته 6 ڏينهن ۾ 364 بجلي چورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن کان 9 لک 64 هزار يونٽس بجلي چوري ڪرڻ تي 3 ڪروڙ 65 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. ڪوئيٽه اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ڪيسڪو) بلوچستان ۾ ڪارروائيءَ دوران 38 بجلي چور گرفتار ڪيا ويا ۽ 470 ڄڻن خلاف درخواستون داخل ويون آهن. بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ مهم دوران هاڻ تائين سڄي صوبي ۾ 569 ڪنيڪشنز مان 470 بجلي چوري ۾ ملوث ڏٺا ويا. ساهيوال ڊويزن ۾ بجلي چوري روڪڻ ۽ ڊفالٽرن خلاف جاري مهم ۾ 5 ڏينهن دوران 19 لک 69 هزار رپين جي ريڪوري ۽ 198 ڪيس داخل ڪري 17 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقيدارن ۽ بجلي چورن جي 2 ڪروڙ 55 لک رپين جي ريڪوري وڌي وئي. ٺل ۾ سيپڪو انتظاميه طرفان غير قانوني بجلي ڪينڪشن ۽ بقايائن خلاف آپريشن جاري رکندي وڌيڪ ٽرانسفارمر سِيل ڪيا جڏهن ته 3 ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ايس ڊي او ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت جي اعلان موجب بجلي چورن سان رعايت نه ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.