ڪراچي ۾ سنڌي پورهيتن جي فيڪٽرين مان نيڪالي خلاف ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن به چمڙا  چورنگي کان انگلش بسڪيٽ فيڪٽري تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو، فيڪٽري جي جي ويجهو پوليس ۽ رينجرز جي اٽالن گاڏيون بيهاري روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪندڙن کي روڪي ورتو، جنهن تي سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهو روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهياڌرڻي ۽ احتجاجي مارچ ۾ نامياري آرٽسٽ سحر شاهه رضوي، شاگرد اڳواڻ ورثا پيرزادو، ايڊووڪيٽ حسيب، حمز علي چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن، پورهيتن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته ڪراچي جي فيڪٽرين ۾ سنڌي مزدورن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، سوين پورهيتن کي جبري طور تي نوڪرين مان ڪڍين کين بي روزگار ڪيو ويو آهي، افغانين ۽ ٻين ڌارين کي نوڪريونڏئي ڌرتي ڌڻين جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.