”فاطمه ڪيس ۾ پوليس ناڪام، ٻن هفتن کان حنا ۽ فياض شاهه هٿ نه آيا“

سکر(رپورٽر) قانون، مذهبي معاملن ۽ انساني حقن  واري نگران صوبائي وزير سنڌ محمد عمر سومرو جي صدارت هيٺ ڪمشنر ڪيمپ  آفيس بئراج ڪالوني سکر ۾ امن امن جي صورتحال ۽ انساني حقن جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي، اجلاس ۾ سيڪريٽري ھيومن رائيٽس جاويد صبغت الله مهر، ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو، سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر، ڊپٽي ڊائريڪٽر هيومن رائيٽس سکر سجاد علي، ليگل ايڊ سميت ٻين سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، صوبائي وزير جان محمد مهر ۽ فاطمه فرڙو جي مفرور ملزمن جي گرفتار نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مفرور جوابدارن جي جلد گرفتاري عمل ۾ آڻي انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، هن ايس ايس پي خيرپور تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس ٻن هفتن کان فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ نامزد گهربل حنا شاھ ۽ فياض شاھ کي هن وقت تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي، پوليس جوابدارن جي موبائيل هوندي ڊيٽا حاصل نه ڪري سگهي، ڪيس ۾  پوليس جي ڪارڪردگي زيرو آهي، ان سلسلي ۾ ايندڙ هفتي هڪ ٻيو اجلاس پڻ گهرايو ويندو. هن چيو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ صحت کاتي جي ڪارڪردگي پڻ تسلي بخش نه آهي، صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته هن وقت ڪچي اندر پاڻي بيٺل آهي اتان جي ڌاڙيلن خلاف پڻ جلد حڪمت عملي جوڙي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو.

ثناءِ گراماڻي ڪيس، سهيل شاهه ۽ رياض مشوري جو پوليس رمانڊ

راڻيپور(ن ع آ) راڻيپور جي پيراڻي حويلي مان مبينا طور تي گم ٿيل قمبر واسڻ نوجوان ناري ثناءَ گراماڻيءَ جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل پير  سهيل شاھ ۽ سندس مامي رياض مشوري کي پنجن ڏينهن وارو پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ بعد راڻي پور جي عدالت سڳوريءَ ۾ پيش ڪيو جتي پوليس پاران ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب وڌيڪ ھڪ ھفتي وڌيڪ استدعا ڪئي. جنھن بعد عدالت سڳوريءَ ٻنھي جوابدرن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.جنھن بعد پوليس ٻنھي جوابدارن کي سخت حفاظتي پھري ھيٺ واپس کڻي وئي، جڏهن ته گرفتار ٿيل ٻنهي جوابدارن کان ثناءَ گراماڻي جي گمشدگي بابت ڪا به وڌيڪ اڳڀرائي نه ٿي سگهي، ثناءِ گراماڻي جو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي.

پيراڻي اوطاق تي ڪٺ وارو ڪيس به دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل

راڻيپور (رپورٽ:فياض حسين راڄپر ) راڻي پور فاطمه ڦرڙو ڪيس بعد پيراڻي اوطاق تي ٿيل ڪٺ وارو ڪيس به دهشگردي ٽوڙ عدالت خيرپور ڏانهن منتقل ٿي ويو، راڻيپور پير جي اوطاق تي ڪوٺايل ڪٺ گهرائي فاطمه ڪيس ۾ رنڊڪون  وجهڻ، صحافين کي ڌمڪائڻ ۽ پوليس مٿان رشوت جا الزام هڻڻ جو داخل انويسٽيگيشن آفيسر محمد بچل قاضي پاران راڻي پور جي عدالت سڳوريءَ کي استدعا ڪئي وئي هئي ته هي ڪيس به فاطمه جي ڪيس سان لاڳاپيل آهي جنهن ڪري هن ڪيس کي دهشتگرد ٽوڙ عدالت خيرپور ڏانهن منتقل ڪيو وڃي جنهن تي عدالت سڳوريءَ جي جج سندس جي استدعا کي منظور ڪندي ڪيس کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيرپور ڏانھن منتقل ڪري ڇڏيو. ھي ڪيس ۾ 40 ماڻھن تي داخل ڪيو ويو هو، جنهن مان هڪ جوابدار اڪبر ڪلهوڙو کي پوليس گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آهي، جڏھن ته ھن ڪيس ۾ 4 جوابدار ضمانت تي آزاد آهن ۽ هڪ جوابدار روپوش بڻيل آهي، جڏهن 34 ماڻهو اڃا ڪيس ۾ گهربل آهن ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته جلد انهن جا نالا ظاهر ڪري گرفتار کين قانوني جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.