معاشي ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ ڀارت سان واپاري لاڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال ۾ ملڪ کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ لاءِ علائقائي سطح تي پيدا ٿيندڙ موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارت سان واپاري لاڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو  ڪري ڇڏيو آهي.

ان ڏس ۾ تازو ڀارت ۾ جي 20 ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پهتل سعودي عرب جي شهزادي محمد بن سلمان ۽ عرب امارات  جي حڪمرانن ڀارت ۽ پاڪستان ۾ واپاري لاڳاپا بحال ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان کان فرمائش ڪئي هئي ته ڀارت سان واپاري لاڳاپا بحال ڪيا وڃن ان سان هڪ طرف ٻنهي ملڪن جي معيشت کي فائدو ٿيندو.

ٻئي طرف پاڪ – ڀارت ۾ عرب ملڪن جي سيڙپڪاري جو تحفظ ٿي سگهندو. معاشي ۽ سياسي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ڀارت سان واپاري لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي, پر ان بابت ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت ۾ ڳالهيون ٿيڻ ۽ معاملا طئه ٿيڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي.

ان ڪري هاڻي چونڊون اڻ ٽر آهن، (ن) ليگ ڏانهن اسٽيبلشمينٽ جي نرم روئي کي به نئين پرڏيهي پاليسيءَ سان جوڙيو پيو وڃي، ڇو ته ڀارت جي اسٽيبلشمينٽ جو نواز شريف تي وڌيڪ اعتماد آهي.

ان ڪري بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ درست نظر اچي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينِٽ جو جهڪاءُ هڪ طرف آهي، ان ڪري ته اسٽيبلشمينٽ به ان نتيجي تي پهتي  آهي ته ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان ڪڍڻ ۾ نواز شريف اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

ان ڪري ته ڀارت جيترو ئي عرب ملڪن جو به نواز شريف تي اعتماد آهي. ان ڪري نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ گڏجي ملڪ کي معاشي طور مضبوط ڪري سگهن ٿا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 13 سپٽيمر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.