طرابلس (م ڊ) ليبيا ۾ سامونڊي طوفان ڊينيئل تباهي مچائي ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب ان تباهي ۾ ٻه هزار ٽي سئو ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، هن وقت تائين 5000 هزار لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته 10 هزار ماڻهو گم آهن، ليبيا جو شهر درنه مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو، اتر اوڀر سامونڊي علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ تعليمي سرگرميون اڻڄاتل مدي تائين معطل ڪيون ويون، ليبيا جي حڪومت عالمي ۽ مقامي ايجنسين کي فوري امداد جي اپيل ڪئي آهي. سامونڊي طوفان ڊينيئل ليبيا جي اوڀر سامونڊي شهر درنه سان آچر ڏينهن ٽڪرايو هو جنهن سان گڏ طوفاني برساتون ، مقامي حڪومت جي ترجمان حماد ٻڌايو آهي ته سامونڊي طوفان ۽ برساتن سبب علائقي ۾ ٻه ڊيم ٽٽي ويا آهن ۽ وڏو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، اساما حماد موجب گھٽ ۾ گھٽ 2 هزار ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، خطي ۾ مقرر فوج جي هڪ ترجمان جو چوڻ هو ته درنه شهر مان پنج کان ڇهه هزار ماڻهو گم آهن. ليبيا لاءِ گڏيل قومن جي ڪوارڊينيٽر ٻڌايو ته ڪيترائي ڳوٺ ۽ آباديون بري طرح متاثر ٿيون آهن، جتي ٻوڏ واري صورتحال آهي ۽ انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو آهي. جن علائقن ۾ ٻوڏ آئي آهي اتي تباهي جا منظر ڏٺا پيا وڃن.