سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عملدار ڀتا خوري ۾ ملوث نڪتو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) پاران ڪارروائي ڪندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي  عملدار ڀتاخور ضياءَ ڪالا کي گرفتار ڪري ورتو ، پوليس جي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ ( ايس آءِ يو) ڪارروائي ڪندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سان تعلق رکندڙ هڪ ڀتا خور کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي جنيد شيخ موجب گرفتار جوابدار جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو، جوابدار ضياءَ ڪالا جو تعلق سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سان آهي، جتي هو مافيا هلائيندو هو، هو ڀتا وصول ڪري رقم پاڻ وٽ به رکندو هو ۽ ٻين ۾ به تقسيم ڪندو هو جوابدار جي خلاف پهرين به پريڊي ٿاڻي تي ڀتاخوري جو ڪيس داخل ٿيل آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.