رباط (م ڊ) مرڪش ۾ تباهي واري زلزلي ۾ مارجي ويلن جو انگ3 هزار ٿي ويو آهي . آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب جمعي جي رات مراڪش جي ڏکڻ اولهه واري علائقي ۾ ايندڙ زلزلي جي شدت 6.8 رڪارڊ ڪئي وئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته تباهي واري زلزلي ۾ مارجي ويلن جو انگ 2 هزار 862 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن. آزاد ذريعن موجب ٽن هزارن کان مٿي ماڻهو فوت آهن. مقامي ميڊيا موجب زلزلي سبب ڪيترن ئي علائقن جي بجلي غائب ٿي وئي آهي، جڏهن ته يونيسڪو پاران عالمي ثقافتي ورثي قرار ڏنل تاريخي عمارتن کي به نقصان پهتو آهي. رستا ٽٽل هجڻ سبب امدادي ڪمن ۾ به ڏکيائيون اچي رهيون آهن.