اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت پاران کنڊ جي اگهه مقرر ڪرڻ بابت ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ کي 30 ڏينهن اندر ڪيس جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ سپريم ڪورٽ ۾ کنڊ جي اگهه مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران شوگر ملز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 20 سيپٽمبر تي شوگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي آهي.ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته سپريم ڪورٽ کنڊ جا اگهه مقرر ڪرڻ تي پابندي لڳائي هئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل تي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته کنڊ جي قيمتن جو تعين وفاق جو اختيار آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته کنڊ جو اگهه 98 رپيا ۽ شگر ملز مالڪ 200 رپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اگهه مقرر ڪرڻ واري قانون کي ڪالعدم ڪيو وڃي ته معاملو ختم ٿي ويندو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته شگر ملون پنجاب حڪومت يا وفاقي حڪومت طرفان مقرر ڪيل اگهه قبول نه ٿيون ڪن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته هو لاهور هاءِ ڪورٽ کي 20 سيپٽمبر کان روزاني جي بنياد تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي رهيا آهن، ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.