اسان جي ڪجهه سياسي غلطين سبب پي ٽي آءِ کي فائدو ٿيو: فضل الرحمان

اسلام آباد(م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آمريڪا جي پاليسي واضح آهي ته سي پيڪ جو دشمن اسان جو  دوست آهي، عمران جي پاليسين جي ڪري چين جهڙو دوست اسان تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته سڀاڻي اليڪشن ڪرايو، اسان سڀاڻي به تيار آهيون،ڇا اسان اليڪشن جي شيڊول جو اختيار سپريم ڪورٽ يا صدر مملڪت کي ڏيون؟ صدر کي حق ناهي ته اليڪشن جي تاريخ ڏي، صدر مملڪت هاڻي پاليسي معاملن کي نه ڇيڙي، هن چيو ته عمران خان ملڪ کي صدارتي نظام ڏانهن ڌڪي رهيو هو، پي ٽي آءِ ملڪ کي ڊيفالٽ جي ڪناري پهچائي ڇڏيو هو، پي ڊي ايم حڪومت ۾ پ پ ٻي وڏي قوت هئي جنهن اتفاق راءِ سان نئين مردم شماري بنياد تي اليڪشن ڪرائڻ جي منظوري ڏني هئي، هن چيو ته پرويز خٽڪ ۽ محمود خان ناقابل اعتبار آهن، سنڌ ۾ جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم، ن ليگ سان اتحاد ٿي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ جهڙيون پارٽيون ملڪ ۾ نه هئڻ گهرجن،اسان جي ڪجهه سياسي غلطين جي ڪري پي ٽي آءِ کي فائدو ٿيو،هن چيو ته مون چيو هو ته اسان کي بي اعتمادي لاءِ پارليامينٽ ڏانهن نه وڃڻ گهرجي، مون اتحادين کي چيو هو ته ملڪ ڪمزور ٿي چڪو آهي، معيشت تباهه ٿي چڪي آهي، اسان ان کي نه اٿاري سگهنداسين، اهو ئي اڄ ٿي رهيو آهي، اسان کي نقصان ٿيو، جڏهن پي ٽي آءِ جو گراف ڪري رهيو هو اسان اليڪشن بدران پارليامينٽ ڏانهن هليا وياسين،مان عمران، پرويز الاهي سميت سياسي مخالفن جي جيل ۾ هئڻ جي خلاف آهيان، مان چاهيان ٿو ته سياسي مخالفن سان مقابلي لاءِ انهن جا هٿ ٻڌل نه هئڻ گهرجن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.