ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين چيو آهي ته بلديه فيڪٽري کي باهه ڏيڻ واري سانحي ۾ سزا ٻڌايل ساٿين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، بلديه سانحي ۾ ايم ڪيو ايم نه پر فيڪٽري مالڪ ملوث آهن،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين چيو ته عدالت پاران هڪ راءِ کي فيصلو بڻائي ٻڌايو ويو، عدالتي فيصلي کي رد ڪيون ٿا، بينظير جي قتل کانپوءِ ماڻهن کي جيئرو ساڙيو ويو، انهن واقعن جي به جاچ ڪرائي وڃي، عبدالرحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي بيگناهه سمجهون ٿا