سکر(رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ شهيد جان محمد مهر جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي،بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو، افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ پهچي ويا آهن، اهي هٿيار افغانستان مان پاڪستان ۾ ڪيئن پهتا؟بلاول چيو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ ٻين صوبن جا آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن، ترقياتي فنڊ منجمد ڪري سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي،بلاول چيو ته اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل (ر)فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين دهشتگردن کي ڇوٽ ڏني، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وزارت عظميٰ دوران دهشتگردن کي پاڪستان ۾ آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو، جنرل فيض حميد ۽ عمران خان کي اندازو ئي هو ته جيڪڏهن اهي انهن دهشتگردن کي فاٽا جي علائقي ۾ ٻيهر آباد ڪندا ته انهن کي ڪراچي پهچڻ ۾ ڪيتري دير لڳندي، هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته هن ملڪ کي هلائڻ جي پراڻي طريقي تي ڇڏيو وڃي اسان پنهنجي عوام، شهرين، شهيدن ۽ رياست سان انصاف ڪريون ۽ جيڪي ماڻهو ان غلط فيصلي ۾ ملوث هئا ته انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، سياستدانن جو احتساب عوام ڪندو ۽ جيڪڏهن اهي ڪنهن ٻئي اداري مان آهن ته انهن جو احتساب اهو ادارو ڪري ته پاڪستان جي دشمنن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ تي مڙهيو ويو،عوام ۽ شهيدن جي خاندانن کي ٻڌايو وڃي ته دهشتگردن جي واپس اچڻ پٺيان جيڪا ڪهاڻي آهي هاڻي اها کلڻ گهرجي، هن چيو ته سنڌ جي گئس سنڌ کي ئي نه پئي ڏني وڃي، بجليءَ جي 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ باوجود بجليءَ جا ڳرا بل اماڻيا پيا وڃن، بل ايئن پيا اچن ڄڻ توهان 24 ڪلاڪ بجلي استعمال ڪئي هجي، ته چوري توهان ڪري رهيا آهيو يا بل موڪلڻ وارو، شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهارينداسين، مون کي اڄ ٻڌايو ويوته جنهن طريقي سان هن ڪيس جي اڳڀرائي ٿيڻ گهربي هئي ان طريقي سان ناهي ٿي ۽ ڪافي سوال آهن، نگران حڪومت ۽ بيوروڪريسي کي اندازو هئڻ گهرجي ته اسان ڇو ٿا چاهيون ته جلد کان جلد انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، هن چيو ته هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت هر ڪنهن لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ۽ اهو ئي منهنجو اعتراض آهي، هوڏانهن ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته چونڊن ۾ دير ته ٿي سگهي ٿي پر اليڪشن کان فرار نٿا ٿي سگهو، ملتان جو عوام اليڪشن ۾ اسان کي ووٽ ڏيندو، ڪٺ پتلين کي اسان اليڪشن ذريعي جواب ڏينداسين، هن چيو ته مون کي لاهور وڃڻو آهي، سي اي سي جو اجلاس آهي پوءِ واپس ايندس