ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مڪاني ادارن، واٽر بورڊ ۽ غير قانوني اڏاوتن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ۾ مونم ظفر، سيف الدين، سليم اظهر، صدر الدين ۽ زاهد عسڪري شامل هئا. حافظ نعيم چيو ته نون چونڊيل مڪاني ادارن جو عبوري دور باضابطا طور ختم ٿي چڪو آهي پر تنهن هوندي چونڊيل ادارن کي عوامي مفاد ۾ ڪم ڪرڻ جا اختيار نه ڏنا ويا آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته هو سڄي صوبي ۾ مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻي رهيا آهن. هن چيو ته اسان انهن کي مضبوط ڪري رهيا آهيون ته جيئن هو عوام جي مفاد ۾ ڪم ڪري سگهن. حافظ نعيم ڪي اليڪٽرڪ خلاف شڪايت ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ نه ته بجلي چوري تي ضابطو آندو آهي ۽ نه ئي پيداوار ۽ تقسيم جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪا سيڙپڪاري ڪئي آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته هن سومر تي ڪي اليڪٽرڪ جي عملدارن سان ملاقات ڪئي آهي وفد شهر ۾ غير قانوني اڏاوتن جو معاملو اٿاريو. سنڌ جي وڏي وزير کين ٻڌايو ته شهر ۾ غير قانوني اڏاوتن کي ڪڏهن به اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته مون ايس بي سي اي ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني اڏاوتن تي نظر رکي ڪارروائي ڪئي وڃي.