اينڪر عاصمه شيرازي آج چينل تان استعيفا ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) نامياري صحافي ۽ اينڪر عاصمه شيرازي آج ٽي وي چينل تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، نامياري صحافي منصور علي خان جو چوڻ آهي ته استعيفا جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن پر استعيفا جي تصديق عاصمه شيرازي پڻ ڪئي آهي. منصور علي خان جو چوڻ آهي ته اهي به اطلاع آهن ته آج ٽي وي چينل جي ملازمن کي بروقت پگهارون نه ملي رهيون آهن، هوڏانهن اطلاع آهن ته ٽن ٽي وي چينلن جي انتطاميا نامياري صحافي عاصمه شيرازي سان ملازمت لاءِ رابطي آهي. ٽي وي چينلن جا نالا وٺڻ مناسب نه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.