سيف سٽي پروجيڪٽ سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو: حارث نواز

ڪراچي (رپورٽر) نگران گهرو ۽ جيل واري وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته سيف سٽي پروجيڪٽ سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو، ايمرجنسي ريسپانس ٽائيم بهتر ٿيندو ۽ ڏوهاري سرگرمين کي روڪيو ويندو. اسان جي شهرين جي حفاظت ۽ خوشحالي کي روڪي نه ٿو سگهجي، ۽ اسان کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته اسان ان جي ڪامياب عمل درآمد لاءِ عزم سان اڳتي وڌو، هن هن اهڙو خيالن جو اظهار پنهنجي آفيس ۾ ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ جي حوالي سان ٿيندڙ  هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو، اجلاس ۾ سنڌ جي گهرو سيڪريٽري محمد اقبال ميمڻ شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ رفعت مختار. ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ آصف اعجاز شيخ؛ ڊائريڪٽر ITCPO تبسم عابد ۽ NRTC جي 10 رڪني وفد جي اڳواڻي ڪموڊور (ر) راحيل ڪئي، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ”ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ“ شهر ۾ جديد ڪلوز سرڪٽ  ٽيليويزن ڪيمرائن جو نيٽ ورڪ جي تنصيب کي تصور کي ممڪن بڻائڻ آهي ته جيئن ان جي ڊجيٽل نگراني ٿي سگهي. منصوبي ۾  سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ايمرجنسي سروسز ايجنسيون شهر ۾ ڪنهن به امن امان جي صورتحال کي فوري ۽ هنگامي صورتحال ۾ جواب ڏيڻ لاءِ سمورا ادارا شامل آهن .

پارڪن ۾ داخلا في ختم ڪري پارڪنگ في ورتي پئي وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ شهر جي پارڪن ۾ عوام جي لاءِ  داخلا في جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڪي ايم سي جي وڪيل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت چيو ته ڪنهن جي اکين ۾ مٽي وجهي رهيا آهيو، جسٽس عرفان سعادت خان چيو ته عوامي داخلا في ختم ڪري پارڪنگ في شروع ڪئي وئي آهي، اهڙو ڊرامو نه هلندو، عوامي داخلا في کي پارڪنگ في ٺاهي وصولي ڪئي پئي وڃي ،اسان ڪراچي جي  ميئر کي طلب ڪنداسين ته هو اچي وضاحت ڏئي، ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته ڪراچي جي مئير کي طلب ڪرڻ کان اڳ اسان جو موقف ٻڌو وڃي، درخواستگذار طارق منصور داخلا في جي رسيدن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت چيو ته 4آڪٽوبر تائين جواب ڏنو وڃي نه ته ڪراچي جي مئير کي طلب ڪيو ويندو.

پي آءِ اي ۾ بحران، آپريشن متاثر، پگهارون رڪجي ويون

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان انٽرنيشل ايئر لائينز ( پي آءِ اي ) فنڊن جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻ لڳو،  جنهن سبب فلائيٽ  آپريشن متاثر رهيو آهي. ذريعن موجب، پي آءِ اي کي پاڪستان اسٽيٽ آئل ( پي ايس او ) وٽان جهازن لاءِ ٻارڻ ملڻ ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته فنڊن جي کوٽ سبب ڪراچي کان فيصل آباد، اسلام آباد ۽ لاهور جون اُڏامون معطل ڪيون ويون آهن.  ذريعن جو چوڻ آهي ته فنڊن جي کوٽ سبب پي آءِ اي جي سمورن ملازمن کي پگهارون به نه ملي سگهيون آهن، جنهن لاءِ پي آءِ اي حڪومت کان فنڊن جي فوري فراهمي جي درخواست ڪئي آهي. پي آءِ اي ترجمان موجب، انتظاميا ناڻي واري وزارت سان به رابطي ۾ آهي ۽ فنڊز ملندي ئي ملازمن کي پگهارون ادا ڪيون وينديون.

نواز دور ۾  وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن نگران وفاقي وزير مقرر

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  جو پرنسپل سيڪريٽري رهندڙ اڳوڻي بيورو ڪريٽ فواد حسن فواد کي وفاقي   ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي نگران ڪابينا ۾ وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. صدر عارف علوي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ايڊوائس تي فواد حسن فواد جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب فواد حسن فواد کي جلد ئي وزارت جو قلمدان ڏنو ويندو. ان حوالي سان فواد حسن فواد چيو ته مون کي اڃان تائين ڪنهن به کاتي جي چارج نه ڏني وئي آهي. مان اڄ وزيراعظم سان ملاقات ڪندس. مون کي جيڪا به ذميواري ملندي اها  ايمانداري ۽ محنت سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ته منهنجو ماضي گواهه آهي ته مون هميشه ايمانداري ۽ محنت سان قومي مفاد لاءِ ڪم ڪيو آهي. آئنده به ائين ئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ پنهنجي ڀرپور صلاحيتن موجب ڪارڪردگي ڏيکاريندس.

تعليمي ادارن ۾ منشيات کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻنداسين: مدد علي سنڌي

اسلام آباد(م ڊ)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته منشيات جو مسئلو هڪ وبائي  مرض ۽ سنگين مسئلو آهي جنهن کي مناسب اهميت نه پئي ڏني وڃي، ان مسئلي بابت آگاهي ڦهلائڻ لاءِ هڪ جامع مهم شروع ڪئي آهي، تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ عملي ۽ فيصلا ڪُن قدم کڻنداسين.  اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙن خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت

گلگت(م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي  نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن عنصرن جي وقتائتي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.

1995ع ۾ بينظير حڪومت ڊاهڻ جي سازش ڪندڙ  فوجي آفيسرن جون اپيلون رد

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ پشهيد بينظير ڀٽو    جي حڪومت ڪيرائڻ واري سازش ۾ ملوث فوجي آفيسرز جون سزائون برقرار رکيون آهن. جسٽس منيب اختر 15 فيبروري تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي . ڪرنل رٽائرڊ آزاد منهاس ۽ ڪرنل رٽائرڊ عنايت الله جون سزائن خلاف اپيلون خارج ڪيون.  ٻنهي اڳوڻن فوجي آفيسرن خلاف 1995 ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش جي الزام هيٺ ڪارروائي ڪئي وئي هئي

. سپريم ڪورٽ پاران شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ واري سازش ۾ ملوث فوجي آفيسرن جون سزائون برقرار آهن.  فيلڊ ڪورٽ مارشل آزاد منهاس کي سخت پورهئي سان 2 سال ۽ عنايت الله کي 4 سال قيد ۽ برطرفي جي سزا ٻڌائي هئي، لاهور هاءِ ڪورٽ مان سزائن خلاف درخواستون رد ٿيڻ بعد درخواست گذارن 2016 ۾ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو.  سپريم ڪورٽ 15 فيبروري تي سزائن خلاف اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.