سنڌ ۾ نوجوان افضل لنڊ جي قتل خلاف جسقم ۽ ٻين ڌرين جا مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) ٽنڊو آدم ۾ قتل ٿيل ڪي اين شاهه واسي نجي بينڪ آفيسر نوجوان افضل لنڊ جي  قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جسقم، جساف، ايس يو پي، سنڌ عوامي سٿ ۽ ٻين ڌرين  پاران ڪراچي، ملير، حيدرآباد، سکر، خيرپور، دادو، ميرپورخاص، ٺٽي، ڪي اين شاهه، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو آدم ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جڏهن ته گذريل ڏينهن ٽنڊوآدم ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ڪي اين شاھ واسي افضل لنڊ جي جنازي نماز سي اين جي پمپ تي ادا ڪئي وئي ، جنازي نماز ۾ شھر توڙي سنڌ جي مختلف هنڌن کان آيل سياسي سماجي ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ،جنازي ۾ شريڪ افضل لنڊ جي والد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھه ڏينهنن کان افضل  ٽنڊو آدم نجي بينڪ ۾ نوڪري ڪندو  هو، بينڪ وڃڻ دوران هٿيار بندن فائرنگ ڪري نوجوان پٽ کي بيگناهه قتل ڪيو آھي ، ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جڏهن ته جنازي نمازي بعد افضل لنڊ کي اباڻي قبرستان يقين شاھ ۾  آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، شهر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائجي ويو.نوجوان جي قتل خلاف جساف، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ۽ سنڌ عوامي سٿ ملير پاران ڪاشف شر، نعمان سنڌي، راشد سنڌي، نانو ميراڻي، سجاد رند، فيض هيسباڻي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي ترجمان اصغر باغي جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، گهوٽڪي ۾ جسقم جساف ۽ ٻين ڌرين طرفان محبوب گهوٽو، حبيب الله گهوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ افضل لنڊ جي قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو،نوابشاهه ۾ جسقم جي سينئر اڳواڻن سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، منير ابڙو، گل ڏاهري، ڪاشف لاکو، سيد ناصر شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوجوان قومپرست ڪارڪن افضل لُنڊ جي بيرحماڻي قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو، دڙي ۾ به جسقم پاران افضل لنڊ جي قتل واري واقعي خلاف انور ملاح، اشرف سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم طرفان سنڌ جي ٽڪ ٽاڪر نوجوان شهيد افضل لنڊ جي بيرحماڻي قتل خلاف والي ڏنو سنڌي، رفيق لاشاري، بشير خان، سراج، عرفان سنڌي،گجر سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ،  مٺياڻي ۾ جسقم يونٽ مٺياڻي پاران گذريل ڏينهن سنڌ جي ڳڀرو نوجوان شھيد افضل لُنڊ جي بي رحماڻي قتل خلاف مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي فياض شيخ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ڪوٽڙي ۾ سماجي اڳواڻ امجد مستوئي، خالد لاشاري، مقصود جهتيال، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽڙي اوور هيڊ برج تي افضل لنڊ جي قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو، ڏوڪري ۾ افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ڪارڪنن پاران رڪ سنڌي، عريز احمد جويو، روهت ڪمار، نياز محمد سنڌي، عرفان ڀنڊ، طفيل احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مظاهرن ۽ ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته افضل لنڊ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، پڙهيل لکيل ۽ هوشيار نوجوانن کي بيگناهه قتل ڪيو پيو وڃي، افضل لنڊ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سنڌ مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري رهندو، ٻئي پاسي ٽنڊي آدم ۾ قتل ٿيل قومي ڪارڪن جو ڪيس داخل نه ٿيو پوليس پاران واقعي جي جاچ جاري سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا ويا، وچ شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي قتل ٿيل قومي ڪارڪن افضل لنڊ جي واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو پوليس موجب ته وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪنداسين جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي جاچ کي مانيٽر ڪرڻ لاء ايس ايس پي سانگهڙ ريٽائرڊ ڪيپٽن مير صدام خاصخيلي ٽنڊوآدم پهتو جتي هن ڊي ايس پي آفس ۾ پوليس عملدارن سان گڏجاڻي ڪري جاچ بابت ڄاڻ ورتي بعد ۾ ايس ايس پي صدام خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته افضل لنڊ قتل ڪيس ٽارگيٽ ڪلنگ آهي اسان جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا آهن ۽ ٽيڪنيڪل طريقن سان پڻ جاچ ڪيون پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.