ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي اسڪول جي پرنسپال عورتن سان زيادتي واري ڪيس جي ٻڌڻي، ڪيس ۾ ٻن متاثر عورتن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ اسڪول جي پرنسپال پاران عورت سان زيادتي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، بيان جي ڪاپي موجب، پهرين متاثر عورت عدالت کي ٻڌايو ته عرفان جي گرفتاري جو جڏهن کيس پتو پيو ته هوءَ بيان ڏيڻ لاءِ پوليس اسٽيشن وئي جوابدار عرفان غفور ميمڻ مون کي نوڪريءَ جو آسرو ڏئي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ وڊيو ٺاهي، جوابدار مون کي ڌمڪيون ڏنيون ته مان توهان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندس، عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائيندڙ ٻي عورت عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار مون کي هفتي جي ڏينهن نوڪريءَ جي لالچ تي اسڪول گهرايو هو جوابدار مون کي آفيس ۾ ويهاريو ۽ اسڪول جو دروازو بند ڪري ڇڏيو، جوابدار مون کي چيو ته توکي پنجاهه هزار پگهار ملندي ۽ چيو ته تنهنجي نوڪري ڇنڇر تي شروع ٿيندي. جوابدار مون سان 4 ڀيرا زيادتي ڪئي ۽ مون کي چماٽون پڻ هنيون، مون ڪنهن کي نه ٻڌايو ته جوابدار عرفان غفور ميمڻ ئي منهنجو جوابدار آهي، هو عدالت ۾ موجود آهي، جاچ آفيسر جي درخواست تي عدالت عورتن سان زيادتي ۽ منشيات هٿ ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار عرفان غفور ميمڻ جي جسماني رمانڊ ۾ 4 جي ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي.