لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن بجلي جا اگهه نه گهٽايا ويا ته اسلام آباد مارچ ۽ ڦيٿو جام جا آپشن موجود آهن. مهانگائي خلاف تحريڪ جي ٻئي مرحلي دوران چئني صوبن جي گورنر هائوسز جي اڳيان ڌرڻو هنيا ويندا.جماعت اسلامي جي عوامي تحريڪ جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ حڪومت بجلي چورن ۽ اسمگلر مافيا خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي آهي ڪامياب ملڪ گير شٽ ڊائون کانپوءِ حڪومت وٽ آئي پي پيز ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدن تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو بهترين جواز هو. اسان جو مطالبو آهي ته حڪومت عوام کي بجلي جي بلن جي مد ۾ موت جا سرٽيفڪيٽ موڪلڻ بدران هزارين اربن جي چوري ۽ لائين لاسز تي ضابطو آڻي. سرڪاري اشرافيه پاران اربين جو مفت استعمال بند ڪيو وڃي. اھڙن خيالن جو اظهار ھنتيمر گرہ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.ان چيو ته جماعت اسلامي آئيني مدي ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ وڃي رهي آهي. آئين جي آرٽيڪل 224 تحت 90 ڏينهن اندر شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته حڪمران پنهنجون مراعتون گهٽائڻ لاءِ تيار ناهن سڄو زور عوام جو رت چوسڻ تي آهي