ڪراچي (رپورٽر ) نيو ڪراچي واري علائقي ۾ ڦورن ٻن ڀائرن کان ڦر لٽ مزاحمت تي هڪ ڀاءُ قتل ٿي ويو، ڪراچي جي نيو ڪراچي واري علائقي ۾ ڦورن ٻن ڀائرن کان ڦر دوران مزاحمت تي هڪ فائرنگ ڪري هڪ ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻئي ڀار صدر ۾ هڪ ڪال سينٽر تي ڪندڙ آهن، گهر واپسي تي سندن کان سليم سينٽر ويجهو ڦرلٽ ڪئي عامر جهانزيب ٻڌايو ته هو ۽ سندس ڀاءُ صدر ۾ ڪال سينٽر ۾ ڪم ڪن ٿا، صبح جو هو ڊيوٽي ختم ڪري موٽرسائيڪل تي سرجاڻي ٽائون طرف پنهنجي گهر وڃي رهيا هئا ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني. انهن کي پيٽرول پمپ ويجهو هٿيار جي زور تي روڪيو ۽ ڦر لٽ ڪئي، عامر موجب منهنجي ڀاءُ عمر مزاحمت ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب سندس 35 ورهين جو ڀاءُ عمر جهانزيب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو علاج دوران فوت ٿي ويو .