ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين خلاف آپريشن جاري مختلف ٿاڻن مان 65 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو ، ڪراچي ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين خلاف آپريشن نيو ٽائون ، مبينه ٽائون ، گلستان جوهر ٿاڻي، بلوچ ڪالوني ، سچل ٿاڻي، ايئرپورٽ ٿاڻي ۽ شرافي ڳوٺ ٿاڻي سميت مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ آپريشن ڪيو ويو ، پوليس پاران اڄوڪي ڪارروائي ۾ 65 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو، ڪلاڪن دوران پوليس هٿان گرفتار افغانين جو انگ اڍائي سئو کان وڌي ويو آهي، غير قانوني افغان شهرين کي گرفتار ڪري پرڏيهي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ،گرفتار افغان شهرين کان پوليس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي .