ڪراچي ( رپورٽر ) اي اين ايف ڪراچي بندرگاهه تي قيمتي سامان اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي .اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) پورٽ ڪنٽرول يونٽ ٽيم ڪراچي انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل تي وڏي ڪارروائي ڪندي خاص ڪيميڪل ۽ وڏي مقدار ۾ قيمتي اليڪٽرانڪ شيون جهاز ذريعي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي .اي اين ايف جي ترجمان موجب هٿ آيل سامان جي ماليت ڏيڍ ارب کان وڌيڪ آهي .