پرويز الاهي جي گرفتاري: نيب جي اپيل سان گڏ وڌيڪ دستاويز لڳائڻ لاءِ مهلت

لاهور(م ڊ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جي سنگل بينچ جي فيصلي خلاف نيب جي اپيل  سان وڌيڪ دستاويز لڳائڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس راحيل ڪامران تي ٻَڌل بينچ نيب اپيل تي اڱاري ڏينهن ٻُڌڻي ڪئي. نيب اپيل ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جي ڪيسن تي 2 رڪني بينچ ٻُڌڻيءَ جو اختيار رکي ٿي. ان لاءِ عدالت اپيل جي حتمي فيصلي تائين سنگل بينچ جو فيصلو معطل ڪري.

شرميلا فاروقي کي پي ايڇ ڊي ڊگري ڏيڻ بابت درخواست، ڌرين کي نوٽيس 

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ شرميلافاروقي کي پي ايچ ڊي جي ڊگري ڏيڻ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت شروعاتي دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 28سٽيمبر تي جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، درخواست ۾ ڪراچي يونيورسٽي، ايڇ اي سي جي چئيرمين ۽ شرميلافاروقي سميت ٻين کي ڌر بڻائيندي درخواستگذار ايڊووڪيٽ ذوالفقار علي موقف اختيار ڪيو ته سنڌهاءِڪورٽ پاران ڪراچي يونيورسٽي جو پي ايڇ ڊي جو پروگرام بند آهي، ان جي باوجود ڪراچي يونيورسٽي 29آگسٽ 2023ع جو شرميلا فاروقي کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني آهي  .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.