اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته آئيني معاملن ۾ ڦاسائي سپريم ڪورٽ جو امتحان ورتو ويو. نئين عدالتي سال جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته فيبروري 2023ع ۾ سپريم ڪورٽ جي سامهون ڪيترائي آئيني ڪيس آيا، آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو. سندس چوڻ هو ته گذريل سال هڪ تقريب ۾ عدالت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي روشني وڌي هئي، هڪ سال ۾ سپريم ڪورٽ رڪارڊ 23 هزار ڪيس اڪلايا آهن، ان کان اڳ هڪ سال دوران اڪلايل ڪيسن جو وڌ کان وڌ انگ 18 هزارهو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته رولڙي جو شڪار ڪيسن جو انگ 2 هزار تائين گهٽائي سگهيا . هن چيو ته عدالت پاڻ ڪيترائي ڀيرا سخت امتحان ۽ ماحول جو شڪار ٿي، اهي واقعا ورجائڻ نه ٿا چاهيون جيڪي ٿيا پر ان سان عدالتي ڪارڪردگي متاثر ٿي، آڊيو ليڪس ڪيس ۾ سمورا واقعا سندس فيصلي جو حصو بڻيل آهن.نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي حوالي سان هن چيو ته سندن نئين آيل چيف جسٽس کان مختلف راءِ ٿي سگهي ٿي پر نئون آيل چيف جسٽس قابل تعريف شخص آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ميڊيا سماج جون اکيون ۽ ڪن آهن، سندس حوالي سان به ميڊيا ۾ غلط رپورٽنگ ڪئي، گوڊ ٽو سي يو واري سندس جملي کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، شارٽ اينڊ سوئيٽ ججمينٽ بابت آبزرويشن جي به غلط رپورٽنگ ٿي، جيڪو ٿيو ان کي درگذر ڪيان ٿو.