اسلام آباد (م ڊ) قومي احتساب بيورو ( نيب ) جي ڊپٽي چيئرمين ظاهر شاهه عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب، نيب جي ڊپٽي چيئرمين ظاهر شاهه استعيفيٰ جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ هو چيئرمين نيب سان ملاقات ڪري هليو ويو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ پراسيڪيوٽر جنرل نيب سيد اصغر حيدر جمعي تي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي.