شهر جي ترقي لاءِ سڀني کي هڪ پيج تي هجڻ ضروري آهي: گورنر سنڌ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شهر قائد  جي انفراسٽرڪچر جي بحالي، ان حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ بهتر لاڳاپن جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته شهر جي ترقي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي هڪ پيج تي هجڻ ضروري آھي، هن چيو ته شهر قائد جا سمورا مسئلا گڏيل مشاورت سان حل ڪري سگهجن ٿا، گورنر چيو ته شهر کي خوبصورت بڻائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، شھر جي صفائي سٿرائي ۽ سرسبز بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.