راولپنڊ (م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي نيشنل ڪرائم ايجنسي (اين سي اي) برطانيا جي 190 ملين پائونڊ جي ريفرنس ۾ طلب ڪري ورتو. نيب راولپنڊي شيخ رشيد کي طلبي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيس ۾ نيب اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد کي سڀاڻي صبح 9:30 وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. نيب طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ شيخ رشيد کي ڪيس سان لاڳاپيل دستاويز پاڻ سان گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.