اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته ڇهه سپٽيمبر تي افغان فوجين پُرامن حل بدران چر ڏياريندڙ فائرنگ جو سهارو ورتو ۽ پاڪستاني فوجي چوڪين کي نشانو بڻايو. پاڪ-افغان طورخم سرحد بندش تي افغان پرڏيهي وزارت جي بيان تي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ردعمل ۾ چيو ته بيان حيران ڪندڙ آهي، عبور افغان اختيارين طورخم تي پاڪ-افغان بارڊر بندش جي سبب کان چڱي ريت واقف آهن، پاڪستان پنهنجي سرزمين ۾ عبوري افغان حڪومت سان ڪنهن به ڍانچي جي تعمير قبول نٿو ڪري سگهي، اِهو پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي. ترجمان چيو ته ڇهه سپٽيمبر تي افغان فوجين پرُامن حل بدران چر ڏياريندڙ فائرنگ جو سهارو ورتو ۽ پاڪستاني فوجي چوڪين کي نشانو بڻايو، طورخم بارڊر ٽرمينل جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچايو ويو، غيرقانوني ڍانچي جي تعمير کان روڪڻ تي افغان فوجين پاڪستاني ۽ افغان شهرين جون زندگيون خطري ۾ وڌيون. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، افغان بارڊر فورسز جي چر ڏياريندڙ فائرنگ سبب دهشتگرد عنصرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، اِهي عنصر افغانستان جي اندر محفوظ ٺڪاڻن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن، خواهش آهي افغان سرحد ٻنهي مُلڪن وچ ۾ امن ۽ دوستي جي سرحد هجي، اسان ڪيئي ڏهاڪن کان افغان ڀائرن، ڀينرن جي دل جي گهرائين سان آجيان ڪئي آهي. افغان سرزمين پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.