اسمگلنگ مافيا، ڪراچي جي 65 کان وڌيڪ ايس ايڇ اوز بليڪ لسٽ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پوليس جي 65 کان وڌيڪ ايس   ايڇ اوز کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي 65 کان وڌيڪ  ايس ايڇ  اوز  کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسمگلنگ مافيا، منظم ڏوهن ۾ ملوث پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، سنڌ پوليس ۾ وڏين تبديلين کانپوءِ ايندڙ مرحلو شروع ٿي ويو آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي پوليس جي 65 کان وڌيڪ اهلڪارن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي ٽن زونن مان ايس ايڇ اوز کي تبديل ڪيو ويندو، ڪراچي پوليس آفيس ۾ فهرستون تيار ڪيون ويون آهن، سمورن ضلعن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪارڪردگي رپورٽ جو جائزو ورتو ويو آهي، اختيارين چيو ته اسمگلنگ مافيا، منظم ڏوهن ۾ ملوث پوليس اهلڪارن ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪراچي ۾ زمينن ۽ اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويندو ۽ غير قانوني افغانين خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ نئين ٽيم جوڙي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.