سکر(رپورٽ:آزاد مھر) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي مرڪزي چيئرمين ۽ اڳوڻي وفاقي پرڏيھ وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ سکر جي ميونسپل جناح اسٽيڊيم ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي چيو آھي ته پ پ ھن ملڪ جي اھا واحد سياسي پارٽي رھي آھي جنھن پنھنجا عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا آھن جڏھن به عوام مصيبتن ۾ گھرجي وڃي ٿو ته پ پ ڏانھن ئي ڏسي ٿو ۽ پ پ عوام جي اميدن تي پورو لھي ٿي سنڌ جو عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو شھيد بينظير ڀٽو سان گھرو دلي لاڳاپو رکندڙ آھي عوام پ پ جي شھيدن سان گھري عقيدت رکي ٿو اسان ملڪ جي مظلوم عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ قيمتي قربانيون ڏنيون آھن جانين جا نذرانا ڏئي ملڪ ۾ جھريت بحال ڪرائي آھي ھن چيو ته ماضيءَ جي مخالف سرڪار انتقام جا نوان ريڪارڊ قائم ڪندي پ پ ورڪرز مٿان ڪيسن جي لائين لڳائي ڏني ھئي پر پ پ جاجيالا ھر مشڪل مان پار ٿي ويا ھن چيو ته بک بدحالي ۽ بيروزگاري جي ذميوار اھا سرڪار آھي جنھن 50 ھزار گھر ۽ ڪروڙ کان مٿي نوڪريون ڏيڻ جا واعدا ڪري نه نڀايا عام چونڊن ۾ پ پ جي سرڪار جوڙندي ۽ مظلوم عوام جي ووٽن سان انشااللھ اقتدار ۾ اچي اٽو لٽو ۽ اجھو ڏيبو اڄ ھڪ واعدو اجھي ڏيڻ جو پورو ڪيون پيا واهن تان بي گھر ڪيلن سوين ڪٽنبن کي مفت ۾ گھر اڏڻ لاءِ پلاٽ ڏيون پيا اميد آھي عوام اسان جي خدمتن کي ياد رکندي سکر ۾ صحت مرڪز قائم ڪيا بلڪي سموري سنڌ اندر صحت گھر ۽ اسپتال جوڙي غريب عوام جي خدمت ڪئي آھي ھن چيو ته اسان کي اقتدار جي به لالچ ناھي اسان جا اتحادي عام چونڊن کان ڊجن ٿا ۽ اھي خوف ۾ ورتل آھن انھن کي عوام جي مينڊيٽ تي اعتبار ڪرڻ گھرجي ۽ عام چونڊن لاءِ اڳتي اچڻ کپي ھن چيو ته سکر ۾ ترقي لاء تعليمي ادارا قائم ڪيا ھتان جي عوام کي صحت جي سھولتون گھرن تائين مھيا ڪرڻ لاءِ اسپتال ٺاھيا آھن جتي عوام جو مفت ۾ علاج ڪيو وڃي ٿو ھن چيو ته نگران سرڪار پنھنجي مشن تي عمل ڪندي عام چونڊن جون تياريون ڪري ۽ شفاف منصفاڻي نموني اقتدار عوامي نمائندن حوالي ڪيو وڃي اسان ھميشا جمھوريت جي سياست ڪئي آھي جڏھن به ملڪ مٿان برو وقت آيو آھي پ پ اڳتي اچي ھن ملڪ ۽ عوام لاءِ ڪم ڪيو آھي ۽ قربانيون ڏنيون آھن اسان ھينئر پڻ قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار آھيون اسان ايم ڪيو ايم کي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي صلاح ڏني ھئي پر اھي نه مڃيا جنھن جو کين سخت نقصان رسيو ھن وقت سموري سنڌ اندر پ پ جي حمايتي ميئر ڊپٽي ميئر ضلعي چيئرمين ۽ ٻيا يو سيز چييرمين چونڊجي اچي چڪا آھن، مڪاني ادارن ذريعي عوام جي اڳ به خدمت ڪيئي آھي ۽ ھاڻي پڻ ڀرپور نموني خدمت ڪرڻ جو جذبو رکون ٿا ھن وڌيڪ چيو ته شھيد محترما بينظير ڀٽو جي ويزن موجب ملڪ جي عوام کي ايڪي ذريعي ھڪ وڏي قوت ۾ آڻينداسين، ملڪ اندر مضبوط معاشي ۽ اقتصادي نظام ذريعي ھڪ ڪامياب قوم ۽ ملڪ بڻائبو، ان لاءِ رڳو عوام اسان جا ھٿ مضبوط ڪري، جلسي کي سيد خورشيد شاھ اسلام الدين شيخ ارسلان اسلام ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ان موقعي تي ميئر سکر ارسلان شيخ تقرير ۾ چيو ته 7200 ڪٽنبن کي 200 ايڪڙ زمين ورھائي پئي وڃي جيڪا ڪئنال متاثرين ۾ مفت پلاٽن جي صورت ۾ آرڊر پڻ ڏنا وڃن پيا ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير سيدناصر شاھ، اويس شاھ، مشتاق سرھيو، ڊاڪٽر ارشد مغل ۽ ٻيا پڻ موجود ھيا اڳ ۾ سڀني اڳوڻن وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن بلاول ڀٽو زرداريءَ جو گيٽ وٽ استقبال ڪيو، کيس اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو پڻ پيش ڪيو ويو، ٻئي طرف بلاول ڀٽو آڏو صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ صحافين جي سخت احتجاج ڪرڻ تي ھن چيو ته ھو صبح(اڄ) جان محمد مھر جي گھر وڃي تعزيت ڪندو ۽ ان جي قاتلن جي ترت گرفتارين لاءِ ھر ممڪن قدم کينا ويندا.