ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، بلديه فيڪٽري سانحي ۾ ملوث رحمان ڀولا ۽ زبير چريا جون موت جي سزا خلاف اپيلون رد ڪيون ويون، عدالت چيو آهي ته امڪان نه آهي ته وڏي انسانن ۾ فيڪٽري جي اندر سڙڻ جو فيصلو ايم ڪيو ايم جي قيادت جي منظوري جي بغير ٿيو هجي، عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ انتهائي غير معياري ۽ ناقص جاچ جو انڪشاف ٿيو آهي، گمراهه ڪندڙ ايف آءِ آر جي ذريعي اصل جوابدارن کي تحفظ ڏنو ويو آهي، ڪيس ۾ شاهد خوف جي ڪري نه اچي سگهيا، پوليس به ڀتو وٺندڙن کي سامهون نه آڻي سگهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ محفوظ ڪيل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدارن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا جون موت جي سزا خلاف اپيلون رد ڪيون، ايم ڪيو ايم جوابدار شاهه رخ، فضل، ارشد محمود ۽ علي محمد جي عمرقيد ڪالعدم ڏني وئي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي خلاف سنڌ حڪومت جي بريت واري درخواست به رد ڪري ڇڏي، عدالت پنهنجي لکت واري حڪم نامي ۾ چيو آهي ته جاچ ڪميشن به باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ماهرن کان ڪيميڪل جو تجربو نه ڪرايو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته وڏي تعداد انسانن جي سڙي فوت ٿيڻ واري واقعي جو سوڳ ته ملهايو ويو پر ايندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا، مختلف ادارن ۽ تنظيمن فوت ٿيندڙ ماڻهن جي گهروارن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ ڪريڊٽ وٺڻ جي مقابلي ۾ مصروف رهيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سامهون اتفاق سان 3 سالن بعد رضوان قريشي جي جي آءِ ٽي سامهون اچي وئي، جيڪڏهن هي رپورٽ سامهون نه اچي ها ته اصل جوابدار فرار ٿي وڃن ها، پوليس حقيقين تائين پهچڻ لاءِ درست جاچ نه ڪئي، عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته پوليس فيڪٽري جي مالڪن ۽ لاڳاپيل ادارن تي حفاظتي قدم نه هجڻ جو الزام لڳائي پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي آهي، ڪي پي ٽي جا ملازم ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ملاقاتون ڪندا رهيا، حمادصديقي هڪ اشتهاري جوابدار جيڪو 10سال اڳ ملڪ مان فرار ٿي ويو، هُن کي واپس نه آندو ويو ، عدالت ڪراچي جي سموري فيڪٽري مالڪن کي باهه لڳائڻ جي حوالي سان ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت سنڌحڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته سمورين فيڪٽرين جو معائنو ڪري 6هفتن ۾ مڪمل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، عدالت چيو ته گهروکاتي جو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ سميت ٻيا حماد صديقي جي پرڏيهي کان واپسي وٺڻ اچڻ جي رپورٽ پيش ٿي ڏين يا پنهنجي سينيئر آفيسرز جي ذريعي عدالت ۾ 18 سٽيمبر تائين پيش ڪن، سنڌ هاءِ ڪورٽ 29 آگسٽ تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو، ياد رهي ته 11 سيپٽمبر 2012 تي بلديه ٽائون فيڪٽري ۾ باهه لڳائڻ واري واقعي ۾ 259 پورهيت سڙي فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته 3سئوکان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا، هن واقعي جي چئن سالن کانپوءِ ڪيس جي مرڪزي جوابدار زبير ريا کي 2016ع ۾ پرڏيهي مان گرفتار ڪيو ويو هو، 22سٽيمبر 2020ع تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيوايم جي سيڪٽر انچارج رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي هئي، رئوف صديقي، عبدالستار، اقبال، اديب خانم ۽ عمرحسن خلاف ثبوت نه هجڻ ڪري اجوقرار ڏنو هو، ايم ڪيو ايم جي رئوف صديقي چيو آهي ته عدالتي فيصلي سان بي گناهه آهيون، ڪيس ۾ نامزدڪيل جوابدار فضل جيل ۾ فوت ٿي ويو هو .