اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف داخل ريفرنس ٻڌڻ جوڳو آهي يا ناهي جو فيصلو ايندڙ هفتي ٿي ويندو، نامياري صحافي ناصر اقبال جو چوڻ آهي ته نئين عدالتي سال جي تقريب ختم ٿيڻ بعد جڏهن جسٽس سردار طارق مسعود کان سوال ڪيو ته جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف داخل ريفرنس تي پنهنجو موقف ڪڏهن ٿا ڏيو ته جواب ۾ جسٽس طارق مسعود چيو ته جلد موقف ڏئي ڇڏيندس، نامياري صحافي حسنات ملڪ چيو ته اهو سوال ٻين صحافين به جسٽس طارق مسعود کان پڇيو ۽ جواب ۾ هن چيو ته ايندڙ هفتي موقف ڏئي ڇڏيندس، جڏهن کانئس سوال ٿيو ته اوهان جو ڇا موقف آهي ته جواب ۾ چيائين ته اهو نه ٻڌائيندس، ياد رهي ته وڪيل ميان دائود سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف ريفرنس داخل ڪيو آهي، جنهن ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ ڪرپشن جا الزام آهن، ريفرنس جائزي لاءِ جسٽس طارق مسعود وٽ ويل آهي جنهن تي هو پنهنجو موقف ڏيندو ته ريفرنس تي ڪارروائي شروع ٿي سگهي ٿي يا جوڊيشل ڪائونسل ۾ ان تي ڪارروائي نٿي ٿي سگهي.