لاهور جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق، ملڪ ۾ مثبت نمونن جو انگ 22 ٿي ويو آهي: صحت وارو نگران وفاقي وزير

اسلام آباد (م ڊ) صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته لاهور جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس   جي تصديق ٿي آهي جنهن بعد ملڪ ۾ مثبت ماحولياتي نمونن جو انگ 22 ٿي ويو آهي. سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته صحت جي قومي اداري ۾ قائم پوليو ليبارٽري مطابق لاهور ۾ ملتان روڊ تان سيوريج جي نموي ۾ پوليو وائرس ظاهر ٿيو آهي جنهن بعد ملڪ ۾ مثبت ماحولياتي نمونن جو انگ 22 ٿي ويو آهي.  ڊاڪٽر نديم جان چيو ته لاهور مان هلندڙ سال هاڻي تائين 04 ماحڄولياتي نمونا رپورٽ ٿي چڪا آهن جن مان 03 نمونا جينياتي طور افغانستان ۾ موجود وائرس سان جڙيل آهن. شهر ۾ آخري پوليو ڪيس جولاءِ 2020ع ۾ رپورٽ ٿيو هو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪٿي به وائرس جي موجودگي هميشه ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي جڏهن ته پاڪستان پوليو پروگرام هاڻوڪي مهيني ۾ پوليو سرويلينس جي نظام کي وڌيڪ وسيع ڪيو آهي. هلندڙ سال پوليو ليب 1700 کان وڌيڪ ماحولياتي نمونا ٽيسٽ ڪيا آهن جن مان 22 مثبت آيا آهن. جيڪي اٽڪل هڪ سيڪڙو آهن. صحت واري وزير چيو ته ملڪ ۾ هاڻي تائين پوليو جا 02 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ٻنهي متاثر ٻارن جو تعلق ڪي پي ڪي جي ضلعي بنون سان آهي.

علائقي جي رياستن ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ مضبوط تعلق جي قيام ۾ مدد لاءِ تيار آهيون ، ايران

تهران  (اي پي پي ) ايران چيو آهي ته هو علائقي جي رياستن ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ مضبوط تعلق جي قيام ۾ مدد لاءِ تيار آهي ،  چيني خابرو اداري موجب اها ڳالهه ايراني پرڏيهي وزير امير عبدالهيان گادي واري شهر تهران ۾ نار فارس جي معاملن بابت يورپي يونين جي خصوصي سلهڪار لوئجي ڊي مايو سان گڏ ملاقات دوران چئي هن چيو ته اسان جو ملڪ يورپي بلاڪ ۽ علاقائي رياستن جي وچ ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ يورپي يونين جي ڪنهن به قدم جي آجيان ڪري ٿو هن علائقي جي موجوده حالت کي علاقائي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ نئون باب قرار ڏنو . يورپي يونين جي نمائندي بلاڪ پاران ايران جي اهم علاقائي حيثيت تي روشني وجهندي چيو ته علائقي رياستن جي وچ ۾ ڳالهين ۽ سهڪار جو فورم اهم آهي هن چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعلق جو معمول تي اچڻ علائقي جي مفاد ۾ آهي . ملاقات دوران ايران جي ايٽمي پيش رفت ۽ ايران تي لاڳو پابندين جي خاتمي بابت معاملن تي به ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي .

اسان مودي وٽ انساني حقن ۽ آزادي صحافت جو مسئلو اٿاريو آهي ، جوبائيڊن

هنوئي  (اي پي پي ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم مودي سان انساني حقن جي احترام جي اهميت  کي ان وقت اٿاريو جڏهن هو جي 20 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت ۾ موجود هيو ڪشمير ميڊيا سروس موجب جوبائيڊن ويتنام جي گادي واري شهر هنوئي چيو ته هميشه وانگر انساني حقن جو احترام جي اهميت کي ۽هڪ مضبوط ۽ خوشحال ملڪ جي تعمير ۾ سول سوسائٽي ۽ آزاد صحافت جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو جمعي واري ڏينهن مودي ۽ جوبائيڊن جي ٻه طرفه ڳالهين کانپوءِ جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه جو ارادو ڪيو ته آزادي جمهوريت ، انساني حقن شموليت ، اجتماعي ۽ سمورن شهرين لاءِ برابر موقعا اسان جي ملڪن جي ڪاميابي لاءِ اهم آهن اهي اقدار اسان جي تعلق کي مضبوط ڪنديون آهن .

لوئر ڪوهستان: شولگره ۾ مسافر بس کي حادثو، 43 ڄڻا زخمي

لوئر ڪوهستان (اي پي پي) لوئر ڪوهستان جي هنڌ شولگره ۾ مسافر بس حادثي ۾ 43 ڄڻا زخمي ٿي پيا. لوئر ڪوهستان  ريسڪيو 1122 ترجمان مطابق بس گلگت کان اسلام آباد وڃي رهي هئي ته ان دوران حادثي جي شڪار ٿي وئي، ڪنٽرول روم کي اطلاع تي ميڊيڪل ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. ريسڪيو 1122 ۽ پوليس زخمين کي طبي امداد فراهم ڪندي بشام اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته شديد زخمين کي ايبٽ آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ فاضل واپاري ڳاڻيٽو ۾ جاري مالي سان جي پهرين مهيني ۾ اضافو

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ فاضل واپاري ڳاڻيٽو  ۾ جاري مالي سان جي پهرين مهيني ۾ اضافو ٿيو آهي، مالي سال جي پهرين مهيني ۾ اٽلي کي پاڪستان جي روانگي واپار ۾ 9.37 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي، مالي سال جي پهرين مهيني ۾ اٽلي ڏانهن آمدني واپار سان ملڪ کي 114 سيڪڙو جي نمايان گهٽتائي ٿي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ ۾ اٽلي کي روانگي واپار سان ملڪ کي 96.27 ملين ڊالر جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 9.37 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل سال جولاءِ ۾ اٽلي کي روانگي واپار سان ملڪ کي 105.30 ملين ڊالر جو ناڻو حاصل ٿيو هو، جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ ۾ اٽلي کي ملڪي روانگي واپار ۾ ماهوار بنيادن تي معمولي گهٽتائي ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جاري مالي سال جي پهرين مهيني ۾ اٽلي کان آمدني واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 114 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي، جولاءِ ۾ اٽلي کان آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 33.90 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 72.41 ملين ڊالر هو.

تيل دار ٻجن ۽ گري دار ميون جي روانگي واپار ۾ جولاءِ 2023ع دوارن ساليانو بنيادن تي 250 سيڪڙو جو اضافو

اسلام آباد  (اي پي پي) تيل دار ٻجن ۽ گري دار ميون  جي روانگي واپار ۾ جولاءِ 2023ع دوارن ساليانو بنيادن تي 250 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.  قومي شماريات اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ 2022ع جي ڀيٽ ۾ جولاءِ 2023ع دوران تيل دار ٻجن ۽ گري دار ميون جي روانگي واپار ۾ 250 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي.  جولاءِ 2022ع دوران 241 ملين روپين جو تيل دار ٻجن ۽ گري دار ميون جي روانگي واپار ڪيو ويو جڏهن ته جولاءِ 2023ع دوران روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 845 ملين روپيا رهيو. اهڙي طرح تيل دار ٻجن ۽ گري دار ميون جي روانگي واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 250 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ڊيره غازي خان ڊويزن ۾ حواله هنڊي جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ جا حڪم

ڊيره غازي خان  (اي پي پي) ڊيره غازي خان ڊويزن ۾ حواله هنڊي جو ڪاروبار ڪندڙن   خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، ذخيره اندوزي ڪندرن کي سختي سان منهن ڏيڻو پوندو، ان حوالي سان اجلاس ڪمشنر ڊاڪٽر ناصر محمود بشير جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ چئني ڊپٽي ڪمشنرن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرن، اي سيز ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر چيو ته پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي جي هدايتن تي ڊي جي خان ڊويزن ۾ حواله هنڊي جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن، جنهن کي به ڪا رقم اماڻڻي آهي اهو قانوني طريقو اختيار ڪري. هن چيو ته هنڊي جي ڪاروبار جي حوصله شڪني لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا. ايراني پيٽرول ۽ ڊيزل جي اسمگلنگ ۽ بجلي چورن خلاف آپريشن جاري رکيو وڃي. هن چيو ته کنڊ ۽ اٽي جي ذخيره اندوزي تي به ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ زرعي دوائن ۾ ملاوٽ ۽ ناجائز منافعي خوري تي ڪارروائي ٿيندي. اجلاس دوران ڪمشنر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊي جي خان ڊويزن ۾ ڀاڻ جي وڌيڪ قيمت وصولي ڪندڙن تي هلندڙ مالي سال دوران 58 ڪيس درج، 12 ڄڻا گرفتار ۽ 96 لک 63 هزار رپين جو ڏنڊ لڳايو ويو آهي. اهڙي ريت زرعي دوائن ۾ ملاوٽ تي 23 ڪيس درج ڪري 24 ڄڻا گرفتار ۽ هڪ ڪروڙ 20 لک رپين جون زرعي دوائون ضبط ڪيون ويون آهن. ڪمشنر چيو ته ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار ۾ واڌ لاءِ ضرورت موجب نهري پاڻي فراهم ڪيو وڃي.اجلاس ۾ صحت، پرائيز ڪنٽرول ۽ ٻين معاملن جو به جائزو ورتو ويو.

گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير طرفان پشاور ورڪ روڊ تي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد (اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽيءَ چيو آهي، ته شرپسندن جي بزدلاڻي  حملي سان اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ٿي سگهن، ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت ختم ڪري ساهي پٽينداسين. سومر ڏينهن گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق هن چيو ته شهيد سيڪيورٽي اهلڪار جي درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهيون . شهيد سيڪيورٽي اهلڪار جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ان کان علاوه زخمي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ عام شهرين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعاڳو آهيون. هن چيو ته شرپسندن جا حملا اسان جي حوصلن کي ڪمزورن نه ٿا ڪري سگهن. ملڪ مان دهشتگردي هر صورت ۾ ختم ڪئي ويندي. هن چيو ته ملڪ ۾ انتهاپسندن لاءِ ڪا به جڳهه ناهي، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.