شھدادڪوٽ ( رپورٽ: ثمر ڀٽي ) شھدادڪوٽ ۾ 20 ڏينهن اڳ قمبر ضلعي جي سي آءِ اي پوليس پاران جوا کيڏڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيل نوجوان فرزند رند پوليس جي مبينا تشدد ۾ مرڻينگ بعد ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، نوجوان مڙھ شھدادڪوٽ آندو ويو، واقعي خلاف فوتي جي وارث عورتن، مردن ۽ رند برادري جي سوين ماڻهن ڪوٽو موٽو چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، فوتي نوجوان جي وارثن ياسين رند ۽ ٻين چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سي آءِ اي پوليس انچارج منظور چانڊيو اھلڪارن سان گڏ قبو روڊ تي واقع سنوڪر جي دڪان تي چڙھائي ڪري 27 ورھين جي فرزند رند کي جوا کيڏڻ جي الزام ۾ کنڀي ڪيس داخل ڪري هن تي تشدد ڪيو، هن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي کڻائي آياسي جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، ھنن چيو ته سي آءِ اي انچارج ۽ ان سان گڏ اھلڪارن چئن معصوم ٻارن جي پيءُ کي ناحق تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ڊي ايس پي شھدادڪوٽ يار محمد رند ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن انور علي بروھي ڌرڻي ۾ پھتا جن وارثن کي انصاف جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.