سکر ۾ آچر تي گو افغاني گو ريلي، ڪرپٽ مافيا سنڌ مٿان مڙهيل آهي:رياض چانڊيو

شڪارپور (پ ر) جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو چيو آھي ته سنڌ مٿان حڪمرانن منظم رٿا تحت بک بدحالي ۽ فرلٽ جو راڄ مڙهيو  ويو آھي هر ماڻھو ڄاڻي ٿو ته ڪرپٽ مافيا کي اسلام آباد سنڌ مٿان مڙھيو آھي، سنڌ جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته 76 سالن ۾ ھي جيڪا معاشي تباهي آھي، جيئي سنڌ محاذ چيئرمين شڪارپور ۾ بار کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته  سنڌ جا ماڻھو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارين ٿا جيڪي  ماڻھو ماني نٿا کائي سگهن انهن لاءِ تعليم، صحت جون سهولتون  صاف پاڻي ۽ بهتر حڪومتي نظام ڪير ڏيندو جن حڪمرانن سنڌين مٿان بک مڙھي آھي انهن جو هتي ڪو به احتساب ڪرڻ لاءِ تيار ناهي سنڌ جا ماڻھن جڏھن به حقن لءِء نڪتا آهن تڏھن انهن مٿان ڌاڙيل مڙھيو ويو آھي، ڪڏھن قبيلائي دهشتگردي مڙھي وئي آھي ته ڪڏھن شهري دھشتگرد مٿان مڙھيا ويا آھن ۽ اهو سلسلو مسلسل جاري آھي اڄ به 40 لک افغاني جيڪي پناهگير آهن اهي سنڌ مٿان مسلط آھن جن منشيات  هٿيارن جي اسمگلنگ جن سڀ غيرقانوني ڪم ڪيا آھن جن ڪراچي کان وٺي ٿر جي سحرا تائين  ۽ سحرا کان ڪشمور ۽ جيڪب آباد تائين سڄي سنڌ جي نيشنل هاءِ وي انڊس هاءِ وي تي انهن کي غيرقانوني طور ويهاريو ويو آھي جيڪي هن ملڪ جي سسٽم  ڪسٽم نه پيڊ ٿا ڏين نه ٽيڪس ٿا ڏين اهي غيرقانوني ڌنڌو ڪن پيا،  40 لک اهي افغاني  سنڌ مٿان مسلط آھن  جڏھن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ڪيس ۾ چيو ته انهن کي ٻاهر ڪڍو تڏھن به انهن کي پنهنجو پسنديده ڌڙو قرار ڏئي انهن کي اسيمبلين ۾ چونڊرايو ويو، جڏهن ايف آءِ اي ڊڪليئر ڪيو آھي ته هي 40 لک غيرملڪي شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺاهيون ويٺا آھن ۽ کربن روپين جي ڪاروبار ۽ بزنس تي قبضو ڪيو ويٺا آھن ته پوءِ هنن کي ڪير ڪڍي، اسان 17 سيپٽمبر سکر ۾ گو افغاني گو ريلي ڪڍنداسين اسان عوامي احتجاج جو دائرو وڌائيندي ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ شروع ڪئي آھي ته هر طرف اهو آواز آھي ته سنڌ کي امن کپي ڌاڙيل ۽ ڪرپٽ نه کپن پر سنڌ مٿان ڪرپٽ مسلط ڪيا ويا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.