ڪراچي، الفلاح ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، 2 جوابدار زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي الفلاح ٿاڻي جي حد ملير ڀرسان جامع مليا روڊ تي اي وي سي سي پوليس ۽ اسٽريٽ ڪرمنل  ملزمنن جي وچ ۾ مقابلو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ملزم خالد ولد عبدالحميد ۽ محمد يعقوب ولد گورا ميان کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪندي پستول ۽ گوليون ھٿ ڪري ورتيون آهن .

بلوچستان سرڪار جو ضروري شين جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان سرڪار کائڻ پيئڻ جي ضروري شين جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي،  بلوچستان جي نگران سرڪار صوبي ۾ پرائس ڪنٽرول، ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي ۽ شين جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪوئيٽا مان جاري بيان ۾ علي مردان ڊومڪي سيڪريٽريز، ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ فوڊ اٿارٽي کي حڪم جاري ڪيا آهن، هن چيو ته عوام کي رليف ڏنو وڃي، شين جي اسمگلنگ روڪي وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن به وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي: حافظ نعيم

ڪراچي(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري  ڪڏهن به وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته بلاول ڀٽو چونڊون وقت تي ڪرائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي جڏهن ته آصف زرداري تڪ بندين جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. بلاول ۽ آصف زرداري عوام کي بيوقوف نه بنائين. بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن به وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ مقامي دهشتگردن سان ملي ڪم ڪري رهي آهي. انهن جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. هن مطالبو ڪيوته ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس  رد ڪيو وڃي. سڀني کان پهريان ڪي اليڪٽرڪ مافيا کي پڪڙڻ گهرجي. نيپرا جي ٻڌڻي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ظلم جي نشاندهي ڪنداسين. حافظ نعيم الرحمان چيو ته سرجاني ٽائون ۾ ڪنڊا مافيا خلاف آواز اٿارڻ تي چونڊيل ڪائونسلر کي شهيد ڪيو ويو. ٽائون چيئرمين کي هينئر تائين اختيار نه ڏنا ويا آهن. جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهه وڌي رهيا آهن. اسٽريٽ ڪرمنلز پاڻ هر مهيني پنهنجو رڪارڊ ٽوڙي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.