ور (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، علي محمد ڪلمتي، گهنور خان زئور، مٺا خان لاشاري، رزاق چانڊيو، الله بخش ڪلمتي ۽ ٻين اڳواڻن چيو آهي ته ھڪ منظم رٿا تحت ھڪڙي پاسي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين قبضاگيرن حوالي ڪري ڌارين کي آباد ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آھي ته ٻي طرف بوگس ڊجيٽل آدمشماري ذريعي غير قانوني طور رھندڙ لکين غير ملڪين کي سنڌ جو شھري تسليم ڪري سنڌين کي دائمي طور اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي خطرناڪ سازش سٽي وئي آھي، ڊجيٽل آدمشماري سنڌي ماڻهن جي وجود مٿان خطرناڪ حملو آھي، زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ٻين ملڪن جي حوالي ڪئي پئي وڃي، ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍن تي قبضو ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي ڪئي وئي آھي، سنڌ جون لکين ايڪڙ سرڪاري زمينون مقامي بي زمين سنڌي ھارين کي ڏيڻ بدران نان سول ادارن کي ڏيڻ سان گڏ مال غنيمت سمجھي مختلف وڏين اسڪيمن جي نالي ۾ سرمائيدارن کي ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي، ور شھر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آھي، سنڌي عوام کي جدوجھد جي ميدان تي نڪرڻو پوندو، اڳواڻن چيو ته ھن وقت ملڪ ۾ پاڻي جي ڪا به کوٽ ناھي پر ان جي باوجود گھوڙا ٻاڙي، ساڪري ۽ ڪيٽي بندر تعلقن جون زمينون ڀڳڙن مُٺ تي زبردستي خريد ڪرڻ لاءِ پاڻي جو ھٿرادو بحران پيدا ڪري آبادگارن جا فصل سڪائي معاشي طور تي ڏيوالو ڪڍيو ويو آھي جنھن ڪري آبادگارن کي لکين رپين جو مالي نقصان ٿيو آھي، ھڪ منظم رٿابنديءَ سان ٺٽي، ڪراچي، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي پٽي ۾ لکين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي آباد ڪيو پيو وڃي.