داد لغاري ويجهو نوجوان ۽ ناري جي خون جو جرڳو، 45 لک ڏنڊ

داد لغاري (رپورٽ: امجد لغاري) داد لغاري ويجھو ڳوٺ عاقل لغاري ۾ 48 سال اڳ 1975 ع ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ٿيل نوجوان غلام  قادر لغاري جي خون جو جرڳو، ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي سرپئنچ عبدالرزاق خان مھر پاران جوابدار عثمان لغاري تي خون جو عيوضو 45 لک رپيا وڌو، ڳوٺ عاقل لغاري ۾ 48 سال اڳ عثمان لغاري پنھجي گھر واري مسمات ڪمل لغاري کي ڪارنھن الزام ۾ قتل ڪرڻ بعد ڳوٺ جي نوجوان غلام قادر لغاري کي پڻ قتل ڪيو هو، جوابدار عثمان لغاري خون جي ڪيس ۾ 10 سال جيل ڪاٽي ھئي، معزز عبدالرزاق خان مھر جي سرپئنچي ۾ جرڳو ڪوٺايو ويو، مقتول غلام قادر لغاري جي ڌر مان سندس ڀاءُ مھوال لغاري ۽ جوابدار ڌر عثمان لغاري طرفان سندس پٽ محمد نواز لغاري ڳالھيون ڪرڻ لاءِ فيصلي ۾ شريڪ ٿيا، ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌيون ويون،جوابدار عثمان لغاري جي ڌر ڪارنھن الزام ۾ قتل ٿيل غلام قادر لغاري تي ڪارنھن جو ڏوھ ثابت نه ڪري سگھي، ڪارنھن جو ڏوھ ثابت نه ڏيڻ تي فيصلي جي سرپئنچ عبدالرزاق خان مھر  ڌرين جي سامھون فيصلي جي فتوي ٻڙھي جنھن ۾ ٻڌايو ويو ته عثمان لغاري 48 سال اڳ ناحق پنھجي گھر واري مسمات ڪمل لغاري ۽ نوجوان غلام قادر لغاري کي ڪارنھن الزام ڏئي قتل ڪيو ھو، ڪارنھن جو ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي ناحق خون ڪرڻ جا عثمان لغاري تي 45 لک رپيا خون بھا جو ڏنڍ وڌو ويو آھي ۽ عثمان لغاري جي ڌر مقتول جي ڌر کان ميڙ وٺي معافي به وٺندي، عثمان لغاري جي ڌر پنھجو ڏوھ قبوليو ۽ ڪيل فيصلو تسليم ڪـندي موقعي تي مقتول جي ڌر کي 8 لک ادا ڪري ڇڏيا ۽ بقايا 37 لک روپيا 6 مھينن اندر ٻن قسطن ۾ ڏيڻ جي پابند ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.