ڪراچي ۾ الڳ الڳ فائرنگ جي واقعن ۾ 5 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڌار ڌار فائرنگ جي واقعن ۾ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سچل ٿاڻي جي  علائقي سپر ھاءِ وي تي جمالي پل ڀرسان فيصل موٽرز  ڀرسان فائرنگ ۾ سيد محفوظ ولد سيد علي زخمي ٿي پيو. پاڪ ڪالوني گارڊن جي  علائقي ڌوٻي گھاٽ ميوا شاھ قبرستان جي ڀرسان  فائرنگ ۾ نوجوان حسن ولد نسيم زخمي ٿيو، پير آباد بس ٽرمينل اڏي جي ڀرسان  فائرنگ ۾ نصيب ولد نمروز خان زخمي ٿيو، پير آباد جي علائقي بيت معمورنيو ڪنواري ڪالوني ڀرسان  فائرنگ ۾ زبير ولد اشرف خان زخمي ٿيو. سپر مارڪيٽ ٿاڻي جي  علائقي لياقت آباد انڊر پاس ڀرسان  فائرنگ ۾ خورشيد ولد بادشاھ زادا زخمي ٿيو.

عالمي بئنڪ پاران پاڪستان کي ٻه ارب ڊالر فراهمي جو آسرو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي اقتصادي معاملن واري وزارت اسلام آباد ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن  حسين جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته عالمي بئنڪ ۽ پاڪستان هلندڙ مالي سال ملڪ کي اٽڪل 2 ارب ڊالر امداد ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي ته جيئن ڪمزور معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جو هدف آهي. نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين سان ملاقات دوران چيو آهي ته حڪومت معيشت جي استحڪام ۽ پائيدار معاشي ترقي لاءِ سڌارا لاڳو ڪري رهي آهي.

طاهر اشرفي جو عالمي قيادت کان ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ جو مطالبو

لاهور (م ڊ) طاهر اشرفي عالمي قيادت کان ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ جو مطالبو ڪيو آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران طاهر محمود اشرفي چيو ته والاريل ڪمشير جي معاملي تي عالمي قيادت ڀارت کي 5 آگسٽ جي پوزيشن تي واپس آڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهي، هن چيو ته جي 20 قيادت ڪشمير مسئلي تي ڌيان ڏئي ۽ ان کي حل ڪرائي، ڀارتي قيادت تي دٻاءُ وجهڻ سان ئي مثبت نتيجا ملي سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.